ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌحڪومت ڪمند جو امدادي اگهه 250 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ زراعت کاتي جي اختيارين ڪمند جو في مڻ اگهه 250 رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن  جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته 4 نومبر کان اڳ ۾ ئي 16 شگر ملز پاران بوائلر هلايا ويا آهن، جڏهن ته  2 شگر ملن ڪرشنگ به شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو صوبي  جون ٻيون شگر ملون به 15 نومبر تائين هلي وينديون، ڪرشنگ ۾ دير ڪندڙ شگر ملن  خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، واضح رهي ته سنڌ سرڪار پاران اڃا تائين مستقل ڪين ڪمشنر به مقرر ناهي ڪيو ويو، ڪين ڪمشنر جي اضافي چارج زرعي توسيع واري شعبي جي ڊائريڪٽر عبدالقيوم راجپوت حوالي ٿيل آهي. هوڏاانهن ايوان زراعت جي اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جن شگر ملن اڃا بوائلر ٻاريا آهن، انهن جي ڪرشنگ ۾ اڃا دير لڳندي، سنڌ حڪومت سمورين شگر ملز کي وقت سِر هلائڻڻ لاءِ قدم کڻي ته جيئن آبادگار پريشاني کان بچي سگھن.