مورو ويجهو نوجوان ناري قتل، لاش موٽر سائيڪل تي اسپتال منتقل

0
220
جهڏو ۾ هٿياربندن

مورو(ن پ ا) مورو ويجھو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند فائرنگ ڪري نوجوان ناري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ ٿھيم برادري ۾ ھلندڙ سڱاوتي معاملي تان جوابدار ناري کي قتل ڪري ڇڏيو، ايمبولينس ۽ ٻي سواري نه ملڻ ڪري وارثن جو مقتولڻ جو لاش موٽرسائيڪل تي کڻي اسپتال پھچايو

مقتولڻ ناري جي ڀاءُ شعبان ٿھيم جو چوڻ آهي ته منھنجي ڀيڻ کي روشن ٿھيم گھر ۾ گهڙي پسٽل جو فائر ڪري قتل ڪيو آھي

ناري جي پيءُ غلام قادر ٿھيم جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينھن اڳ جوابدار ڌر سان جھيڙو ٿيو ھو، جنهن تان هنن جا ماڻهو قرآن پاڪ ۽ نياڻيون ميڙ کڻي آيا ھئا، جنھن تي اسان کين معاف ڪيو ھو، پر اڄ ھو گھر ۾ داخل ٿي منهنجي نياڻي کي ماري ڇڏيو آهي