ڪراچي: ڪورونا وائرس جي روزاني صورتحال بابت رپورٽ ميڊيا سان شيئر ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 6 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو انگ 4605 تائين وڌي ويو آهي جڏهن ته فوتين جي شرح 1.7 آهي جيڪا بلوچستان کان علاوه ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي. مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 117855 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 727 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 6.1 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 3578180 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 8 سيڪڙو يعني 279271 ڪيس ظاهر ٿيا جن مان 94 سيڪڙو يعني 262639 صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 343 مريض به شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت 12027 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 11485 گهرن ۾، 9 آئسوليشن مرڪزن ۾ ۽ 533 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 509 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي ۽ 43 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير موجب 727 نون ڪيسن مان 258 ڪراچي جا ڪيس آهن جن ۾ ضلع اوڀر 133، ضلع ملير 53، ضلع سينٽرل 53، ضلع ڏکڻ 29، ضلع ڏکڻ 28، ضلع ڪورنگي 13 ۽ ضلع اولهه 2 شامل آهن جڏهن ته ٻين ضلعن ۾ حيدرآباد 140، شڪارپور 58، ٺٽو ۽ سجاول 39-39، لاڙڪاڻو 26، ميرپورخاص 23، دادو 22، نوشهروفيروز 19، شهيد بينظير آباد 16، گهوٽڪي ۽ ڄامشورو 14-14، قمبر 12، ٽنڊوالهيار ۽ بدين 8-8، خيرپور 7، سانگهڙ 6، سکر 3، جيڪب آباد ۽ مٽياري ۾ 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.