ڪڙيو گنهور ( ن پ ا ) ڪڙيو گنھور ۾ ناري رينا وارو مامرو نئون رک اختيار ڪري ويو، ناري مڙس سان گڏ ايس پي جي حڪم تي جاچ ٽيم ڪڙيو ٿاڻي پھتي، جتي ناري کان بيان ورتو ويو، ناري پنھنجي وائرل ٿيل ويڊيو واري بيان تان ڦري وئي، ناري رينا نئين بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته آئون مائٽن کي چئي رھي ھيس ته مون کي پٿر اڇلائي نه ھڻو آئون مڙس ڏانھن وڃڻ چاھيان ٿي، ناري جي وارثن پوليس تي بي اعتمادي ظاھر ڪندي چيو ته اسان عدالت ۾ وينداسين پوليس بااثرن جي ونگار وھندي نياڻي کي بليڪ ميل ڪيو، ناري جي والد راڻو مينگھواڙ جو چون آهي ته ناري کي پوليس جي پروٽوڪول ۾ سندس مڙس جي گھر پھچايو ويو، پوليس موجب ناري رينا مڙس ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کي مڙس حوالي ڪيو ويو….