سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 30 مريض فوت، 2772 نوان ڪيس ظاهر!

0
243
سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه
سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 30 مريض فوت، 2772 نوان ڪيس ظاهر!

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس تيزيءَ سان پکڙجي رھيو آھي، ڏک واري ڳالھھ آھي تھ اڄ سڀ کان وڌيڪ 30 مريض لاڏاڻو ڪري ويا آھن. ھن چيو تھ ڪوويڊ19 بابت صحت جي حوالي سان ايس او پيز (احتياطي اپائن) تي لازمي طور تي عمل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 18267 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 2772 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 30 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 6001 ٿي ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 5008192 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 382848 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 607 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 332409 مريض صحتياب ٿيا آھن. ھن چيو تھ ھن وقت 44438 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 43000 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 1399 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 39 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 1221 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 108 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي.