حيدرآباد: ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ لاءِ تعليم کاتي کان مدد وٺڻ جو فيصلو!!

0
191
ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ لاءِ تعليم کاتي کان مدد وٺڻ جو فيصلو
حيدرآباد: ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ لاءِ تعليم کاتي کان مدد وٺڻ جو فيصلو!!

حيدرآباد: ضلعي انتظاميا شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ لاءِ تعليم کاتي کان مدد طلب ڪري ورتي آهي، ان ڏس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر کي استادن جون ڊيوٽيون لڳائڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي ۾ 2 آگسٽ کان ويڪسين جي شروعات ٿيندي جنهن دوران هر ٽيم سان گڏ 2 استاد مقرر ڪيا وڃن. استادن کي تربيت ڏئي پروفارما ڏنا ويندا جنهن ۾ هو ويڪسين ڪرائيندڙ ۽ ويڪسين نه لڳرائيندڙ شهرين جو رڪارڊ گڏ ڪندا. استادن کي ويڪسين کان انڪار ڪندڙن جو رڪارڊ به گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ڊي او سيڪنڊري چيو ته ضلعي انتظاميا کي قومي فرض سمجهي لڳ ڀڳ 3 هزار استاد فراهم ڪيا ويندا.