ڪراچي: اسان جي ماڻهن جا ننهن ڇڪي ڪڍيا ويا، پارٽي مدد نه ڪئي: لياقت جتوئي جو ارباب رحيم کي ڏوراپو

0
580
لياقت جتوئي جو ارباب رحيم کي ڏوراپو
ڪراچي: اسان جي ماڻهن جا ننهن ڇڪي ڪڍيا ويا، پارٽي مدد نه ڪئي: لياقت جتوئي جو ارباب رحيم کي ڏوراپو

ڪراچي: وزيراعظم جي سنڌ معاملن بابت اعزازي صلاحڪار ارباب رحيم سينيئر سياستدان لياقت جتوئي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي لياقت جتوئي چيو ته ارباب رحيم جي شموليت سان اها ڳالهه ٿي جو هاڻي ڪو ماڻهو ته آهي جيڪو مسئلن کي سمجهي ٿو، عمران خان کان ڪا به شڪايت ناهي صرف اها شڪايت آهي ته سنڌ کي سنڀالي. هن چيو ته اسان پ پ مخالف سياست ڪريون ٿا، اسان جي ماڻهن تي ڪيس ڪيا ويا، ننهن ڇڪي ڪڍيا ويا، پاڻي بند ڪيو ويو، اسانکي اميد هئي ته مدد ڪئي ويندي پر اهو نه ٿيو. لياقت جتوئي چيو ته اسانکي پارٽي جي ڪجهه ماڻهن سان رنجش آهي، سنڌ ۾ ڪجهه ماڻهن جي ڊڪٽيٽرشپ سبب ذاتي مفادن خاطر پارٽي هلائي ٿي وڃي. ننڍين چونڊن ۾ پڇا تائين نه ڪئي وئي، سينيٽ ۾ ٻه سيٽون اندرون سنڌ کي ڏيڻ جو چيو ويو هو، عمل نه ٿيو. ان موقعي تي ارباب رحيم چيو ته لياقت جتوئي منهنجو وڏو ڀاء آهي، سياست ۾ پي ٽي آء ۾ مونکان سينيئر آهي. ملي ڪري گڏجي ڪم ڪنداسين، هن جي گائيڊ لائينز وٺڻ ۽ هن کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ آيو آهيان.