سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 630 نوان ڪيس ظاهر، 19 مريض فوت

0
179
سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ
سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 630 نوان ڪيس ظاهر، 19 مريض فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 11471 نمونا چڪاسيا ويا، جن مان وڌيڪ 630 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 19 ڄڻا فوت ٿي ويا. اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ 7289 تي پهچي ويو آهي.

اڄ وڌيڪ 514 مريض صحتياب ٿيا. صحتمند ماڻھن جو ڪل تعداد 414270 تي پھچي ويو آھي. هن وقت 29175 مريض علاج هيٺ آهن. جن مان 531 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. 42 مريض وينٽيليٽر تي آھن.