اسرائيل ايراني جوھري سائنسدان کي ڪيئن قتل ڪيو: وڌيڪ انڪشاف سامھون اچي ويا

0
300
وڌيڪ انڪشاف سامھون اچي ويا
اسرائيل ايراني جوھري سائنسدان کي ڪيئن قتل ڪيو: وڌيڪ انڪشاف سامھون اچي ويا

اسرائيل طرفان گذريل سال نومبر ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام جي باني سائنسدان محسن فخري زادھ کي قتل ڪرڻ جي حوالي سان نوان انڪشاف سامھون آيا آھن.

امريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ موجب اسرائيل ايراني سائنسدان کي قتل ڪرڻ جي لاءِ رپورٽ مشين استعمال ڪئي ھئي.

اخبار دعويٰ ڪئي آھي تھ امريڪي، اسرائيلي ۽ ايراني اختيارين بھ روبوٽ مشين جي ذريعي محسن فخري زادھ کي قتل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي.

رپورٽ موجب ايراني سائنسدان کي قتل ڪرڻ جي لاءِ روبوٽڪ اسنائپرگن ھڪ ھزار ميل پري رکي وئي ھئي، اسرائيل روبوٽڪ گن جا پرزا مختلف ذريعن سان ايران اسمگل ڪيا ۽ ان پرزن کي پڪ اپ ٽرڪ ۾ نصب ڪيو ويو.

ٽرڪ جي مختلف پاسن کان ڪئميرا لڳايا ويا، ٽرڪ ۾ نصب روبوٽڪ مشين گن کي سيٽلائيٽ سان ڪنٽرول ڪيو ويو، مشن مڪمل ٿيڻ بعد ٽرڪ کي نصب بارودي مواد سان اڏايو ويو.

ياد رھي تھ ايران جي ايئٽمي پروگرام جي باني سائنسدان محسن فخري زادھ کي 27 نومبر 2020 تي تھران ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو ھو.

انھيءَ کان اڳ برطانوي اخبار جيوئش ڪرونيڪل دعويٰ ڪئي ھئي تھ ايراني سائنسدان کي قتل ۾ اسرائيلي خفيھ ايجنسي موساد ملوث آھي، اخبار جو وڌيڪ دعويٰ ڪئي ھئي تھ موساد جا ايجنٽن مختلف ٽڪڙن ۾ اسمگل ڪيل ون ٽون گن جي ذريعي محسن فخري زادھ کي قتل ڪيو.

اينٽيليجنس ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تھ اسرائيلي ۽ ايراني شھرين تي لاڳاپيل موساد تقريبن 20 ايجنٽن تقريبن 8 مھينا نگراني کانپوءِ حملي ڪري ايراني جوھري سائنسدان کي قتل ڪيو