سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران چوٿين عوامي رابطا مهم جي شيڊول جو اعلان!

0
240
سنڌ ايڪشن ڪميٽي
سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران چوٿين عوامي رابطا مهم جي شيڊول جو اعلان!

ڪراچي: سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سربراه سيد جلال محمود شاه، رياض چانڊيو،ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بحريا ٽائون جي ويجهو ڳوٺاڻن تي ٻيهر حملا ڪيا پيا وڃن،

سنڌ جون زمينون بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اڳواڻن چيو ته پاڻي جي کوٽ ۾ وفاقي ۽ سنڌ سرڪار برابر جا شريڪ آهن، اسين وفاقي ادارن مان هزارين ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا.

هنن پ جي جلسن کي پروٽوڪول  ۽ مخالفن کي روڪڻ جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته افغانين جي روزاني اچڻ ۾ سنڌ حڪومت سهولتڪار آهي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن عوامي رابطا مهم جو چوٿون شيڊول پڻ پڌرو  ڪيو، جنهن تحت 10 آڪٽوبر تي نوشهرو فيروز، 17 تي روهڙي ۽ 31 آڪٽوبر تي سکر ۾ جلسو ٿيندو.