ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف پيپلز هاري ڪاميٽي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو. ان ڏس ۾ لاڙ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف ٺٽي ۾ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو جي اڳواڻي ۾ مڪلي ۾ آبادگارن ۽ ھارين پاران احتجاجي مظاهري بعد ڌرڻو هنيو ويو. پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومري، پيپلز هاري ڪاميٽي ٺٽي جي ضلعي صدر رضا محمد بلوچ، اسماعيل گُلڙي، عبدالرحمان ٻير سرڪي، علي محمد خاصخيلي، علي محمد شيخ، عبدالستار ملاح، اسماعيل رند، خير محمد، يار محمد ملاح، قاسم ڪھيو، عاشق ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته لاڙ سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي، هٿ وٺي سنڌ کي سُڪائي حالتون خراب ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. دادو عبدالمطلب پنهور، علي حيدر ملاح، حمزو خان سولنگي، مجاهد ڳورڙ ۽ جاويد پيرزادو جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ اڳواڻن ، ڪارڪنن پاران هٿن ۾ بينر ۽ جهنڊا کڻي علامه آء آء قاضي لائبريري کان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو. چمبڙ سنڌ م پاڻي جي کوٽ خلاف چمبڙ سنڌ ھاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن ڪارڪنن چمبڙ ۾ ريلي ڪڍي چمبڙ پريس ڪلب آڏو ٽنڊوغلام علي ۽ ٽنڊوالھيار روڊ بلاڪ ڪري ھڪ ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي آڳواڻن ڪامريڊ امداد قاضي، ڪامريڊ اقبال، ارباب رستماڻي، گلاب ڀيل، مبارڪ، ھادي سنائي، ۽ ٻين چيو ته گذريل ٻن مھينن کان ٻنھي شاخن جي پڇڙي جا مظلوم آبادگار پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھن جر جو پاڻي کارو آھي ڇڙيو پاڻي پيئڻ ۾ استعمال ڪن ٿا آبپاشي عملدار منڍ جي بااثرن کان ڀاري رقم وٺي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کپائي ڇڏيو آھي پڇڙي جي آبادگارن سان ظلم بند ڪيو وڃي. خيرپور ۾ غلام شبير شر، غلام سرور بڙدي، رب ڏنو جويو جي اڳواڻي ۾، ميرپورماٿيلو ۾ غلام حسين سومرو، غلام نبي وسير، ميان شبير، نئون دمبالو ۾ پ پ ھاري ڪاميٽي ۽ ايس ٽي پي اڳواڻن شبير احمد جسڪاڻي ۽ رميش ڪولھي، مولچند ڪولهي۽ عبدالجبار مڱريو جي اڳواڻي ۾ ڊگھڙي حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو. جاتي ۾ جان محمد موچي ڀٽي، اسحاق هنڱورجو، حفيظ الله ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾، سانگهڙ ۾ تاج مڱريو، قلندر بخش مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وارث ڏنو ماڇي ۾ عطا حسين نوناري، ضمير حسين سولنگي، اشرف چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رتوديرو_ وڏا ٻوسڻ مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. نصيرآباد ۾ علي رضا ڪوري، عباس سولنگي، عرفان بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٺل ۾ پ پ پاران الله بخش جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ سڌير احمد لهر، محمد ايوب چاچڙ، تاج محمد بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. باڊھه ۾ اعجاز لغاري، ڊاڪٽر منير احمد شيخ، قاضي جميل، محمد علي ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.