ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي آبپاشي واري وزير سهيل انور سيال کاتي جي سمورن ملازمن جون موڪلون رد ڪندي 17 کان 20هين گريڊ جي آفيسرن کي هيڊڪوارٽر نه ڇڏڻ جي هدايت ڪندي سندن پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي, ان ڏس ۾ آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ ٿيل آن لائين ميٽنگ ۾ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري سليم رضا کهڙو، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئرن سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ارسا جي اختيار ڪيل رويي سميت پاڻي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب پڇڙين تائين پاڻي نٿو پهچي، ڏاکڻي سنڌ ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ پارٽي چيئرمين جي سخت هدايتن تي آبپاشي کاتي کي پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن ڪرڻو پوندو، صوبائي وزير پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي، آبپاشي وزير کاتي ۾ اڻ اعلانيل ايمرجنسي لاڳو ڪندي سمورن ملازمن جون موڪلون رد ڪندي کين هيڊڪوارٽرن ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏھن ته پرڏيهه ويل آفيسرن توڙي هيٺيئن گريڊ جي ملازمن جي به موڪل رد ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪنهن کي به موڪل تي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان موڪل واري ڏينهن تي به آبپاشي کاتي پاران هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري تازو مقرر ٿيل گريڊ 17هين جي اسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز ۽ گريڊ 18هين جي ايگزيڪيوٽو انجنيئرز کي ٽن ڏينهن اندر چارج سنڀالڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، چارج نه سنڀاليندڙن خلاف ڪارروائي جو چتاءَ ڏنو ويو آهي، آبپاشي واري وزير ۽ سيڪريٽري جي آفيسن ۾ گريڊ 17هين کان 20هين تائين جي آفيسرن کي اجازت کانسواءِ ھيڊڪوارٽر ڇڏڻ کان روڪيو ويو آهي، نوٽيفيڪشن ۾ اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي فوري طور عمل ڪيو وڃي