ڪنري/سامارو (نمائندن وٽان) پنجاب سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻي سنڌ سان ناانصافي ڪري رهيو آھي، پنجاب کي ڪوبه حق ڪونهي ته سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻي، ارسا منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي، سنڌ ۾ ڊاڪو راج قائم آھي هتي عام ماڻھو ته ٺھيو هاڻي پوليس به محفوظ ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ڪنري ۽ سامارو ۾ دوري دوران صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. محمد حسين محنتي پاران الخدمت فائونڊيشن طرفان پريس ڪلب سامارو آڏو معذورن ۾ ويل چيئر ورهايون ۽ ڪنري ۾ جماعت اسلامي ضلعي عمرڪوٽ جي امير خليل احمد کوکر جي رھائشگاهه تي پڻ پھتو. هن چيو ته جماعت اسلامي ڪراچي ۾ بحريه ٽائون جي ناانصافين خلاف اڳ ۾ به احتجاج ڪيو هاڻي قديم ڳوٺ مسمار ڪرڻ جي به سخت مذمت ڪري ٿي، سنڌ حڪومت کي ان مامري جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. انهن ڳوٺن کي تحفظ ڏنو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي آھي معاشي طرح ملڪ جون حالتون تمام خراب آھن خاص طور تي سنڌ ۾ ته ماڻھو اڪثر ڪري غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آھن، نوجوان نوڪرين لاءِ دربدر آھن. هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت چانور، مرچن ۽ ڪپهه جي پوکائي هلي پئي پر پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب سنڌ سوڪهڙي جي ورچڙھيل آھي. وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار اداڪري.