لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزردار زرعي پاڻي جي بحران تي سموري ملڪ خاص طور تي سنڌ جي پارليامينٽرين کي پنجاب جي بئراجن جي دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. پاڻي بحران تي پنهنجي بيان ۾ پنجاب جي وڏي وزير چيو ته موجوده صورتحال ۾ پنجاب هميشه پرزور سفارش ڪندو آهي ته ٻنهي صوبن (سنڌ ۽ پنجاب) جي بيراجن تي غير جانبدار مبصرين کي مقرر ڪيو وڃي. غير جانبدار مبصرن جي مقرري سان پاڻي جي اخراج جي صحيح ڊيٽا ملي سگهندي. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته انهي قدم سان پاڻي جي کوٽ کي منصفاڻي طور تي صوبن جي وچ ۾ ورهاست ۾ مدد ملندي ۽ صوبن ۾ پاڻي جي مسئلي تي ٿيندڙ غلط فهمين کي به ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته سموري ملڪ خاص طور تي سنڌ جا پارليامينٽرين پنجاب اچي پنجاب جي بيراجن جو دورو ڪن ته جيئن هو صوبي ۾ هن وقت پاڻي جي کوٽ، صوبي ۾ پاڻي جي ورهاست ۽ پاڻي جي اخراج جي ڊيٽا جي رپورٽنگ جي نظام جو پنهنجي اکين سان مشاهدو ڪن. آئون چاهيان ٿو ته پارليامينٽرين پنهنجي اکين سان ڏسن ته ڪهڙي طرح اسان هن نظام ۾ واٽر ڊسچارج رپورٽنگ کي شفاف بڻائي رهيا آهيون. عثمان بزدار چيو ته منهنجي  به خواهش آهي ته سنڌ به اسان جي پارليامينٽرين کي پنهنجي بيراجن جي دوري جي دعوت ڏئي ته اسان جا پارليامينٽرينز به سنڌ جي بيراجن جي صورتحال، انهن جي پاڻي جي ورهاست ۽ رپورٽنگ جي نظام کي ويجهو کان ڏسي سگهن. جيڪڏهن اسان کي هن مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي ته اسان کي پاڻ ۾ پيدا ٿيندڙ غلط فهمين کي ختم ڪرڻو پوندو. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته اسان جي حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي، جنهن سان هارين جا فصل ۽ ان جي پوکائي متاثر نه ٿئي. اسان پنجاب جي هارين کي يقين ڏياريون ٿا ته پاڻي جي حوالي سان انهن جون پريشانيون ختم ڪيون وينديون. ان حوالي سان جلد پنهنجي هاري ڀائرن وٽ پاڻ وينداسين. اسان جي ڪوشش هوندي ته صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ باوجود هارين جي مسئلي کي اولين جي بنياد تي حل ڪيو وڃي.