سنڌ ۾ پاڻي کوٽ، بدين کان نڪتل پيادل لانگ مارچ تلھار پھتو

0
176

تلھار(ن پ ا) سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف ضلعو بچايو ڪميٽي پاران گذريل ڏينھن بدين کان حيدرآباد تائين نڪتل پيادل لانگ مارچ تلھار پھتو، جنھن کان پوءِ اڄ ضلعو بچايو تحريڪ جي سڏ تي پاڻي کوٽ خلاف تلھار شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي آهي، آبادگارن تلھار جي مين حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو ھڻڻ کانپوءِ پيادل لانگ مارچ حيدرآباد طرف روانو ٿيندو.