سنڌڙي: ڳوٺاڻن جو پوليو مھم جو بائيڪاٽ، 2 ڄڻا گرفتار، احتجاج

0
327
ڪراچي ۾ 7 ڏينهن لاءِ 20 سيپٽمبر

سنڌڙي(ن پ ا) يوسي اسماعيل ڪنڀار جي ڳوٺ مير مري ۾ ڳوٺاڻن پاران بنيادي سھولتون نه ملڻ خلاف پوليو مھم جو بائيڪاٽ، اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي، مختيارڪار سنڌڙي، ڊي ايس پي سنڌڙي ڳوٺ ۾ پھچي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪرائي ڦلھڏيون ٿاڻي تي لاڪپ ڪرڻ کانپوءِ مداخلت بعد آزاد، ڳوٺاڻن جو انتظاميه خلاف احتجاج، بائيڪاٽ جاري، ڳوٺ مير مري ۾ بنيادي سھولتون نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن 25 ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، ڊي ايس پي سنڌڙي ڳوٺ مان 2 ڄڻا گرفتار ڪرايا عبدالحميد ۽ علي الدين کي گرفتار ڪري ڦلھڏيون ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو، سياسي مداخلت بعد آزاد ڪيو ويو، جنهن بعد ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ پئيڻ جو پاڻي ناھي 4 ڪلو ميٽر پري پئيڻ جو پاڻي آڻيون ٿا، گندي پاڻي پئيڻ سبب ٻارن کي پيٽ جون بيماريون ٿين ٿيون جنھن سبب 2 ٻار مري چڪا آھن. مجبورن ٻين ٻارن جي زندگي سان کيڏيندي اسان پوليو جو بائيڪاٽ ڪيو آھي، يوسيز جي بجيٽ ھجڻ باوجود صاف پاڻي لاءِ پريشان آھيون.