سنڌ ۾ ويڪسينيشن سينٽر ڪيترا ڏينهن بند رهندا؟

0
225

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ويڪسينسيشن سينٽرز سڀاڻي خميس کان 15 مئي تائين بند رهندا. ذريعن موجب ، سنڌ سرڪار ڪورونا ويڪسينشن سينٽرز کي سڀاڻي کان 15 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ، جڏهن ته پنجاب ۾ ويڪسينشن سينٽر عيد ۽ ٻئي ڏينهن به بند رهندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪورونا ويڪسينيشن سينٽرن کي ڊبل شفٽ ۾ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ، فيصلي موجب ويڪسينشن سينٽرز صبح 8 کان رات 8 بجي تائين عيدالفطر کانپوءِ کليل رهندا.