سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ مرغي جي اگهه ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو، منافعي خور واپارين مرغي جي اگهن ۾ هٿرادو اضافو ڪندي في ڪلو 500 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ن ڏس ۾ حافظ محبوب سهتو قادري، مولانا عبدالحق مهر، عبدالغفور شيخ، اظهر حسين دايو، مفتي اعظم مهر جو چوڻ آهي ته رمضان کان اڳ 380 رپيا في ڪلو وڪامجندڙ مرغي عيد ويجهو ايندي ئي 500 رپيا في ڪلو ۾ وڪامي رهي آهي، منافعي خور من پسند اگهن تي مرغي سميت کاڌ خوراڪ جون شيون وڪرو ڪري رهيا آهن، انهن کان ڪو به پڇاڻو ڪرڻ وارو ناهي. ٻئي طرف مرغي جي دڪاندارن جو چوڻ آهي ته مرغي جي گهٽتائي ۽ پنجاب مان اچڻ سبب مرغي جي اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي، پنجاب کان مهانگي اگهن تي مرغي توڙي ٽرانسپورٽ جي خرچي سميت اسان کي مرغي 470 رپين ۾ پئي ٿي.