مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور ۽ ڀرپاسي مقامي ٽماٽا ٽڪي ڌڙي، آبادگارن جو خرچ به نڪري نه سگهيو، فصل ڀيلائڻ تي مجبور، ان سلسلي ۾ آبادگارن اڌل جيهو، شير محمد، اظهر جيهو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته سندن ٽماٽو 2 رپيا ڪلو وڪامجي رهيو آهي، جنهن سبب پوک تي ڪيل خرچ به نٿو نڪري، هنن چيو ته مارڪيٽ ۾ پهچڻ شرط ساڳيو ٽماٽو 30رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪامجي رهيو آهي، جنهن سان آبادگارن کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته ٽماٽي کي اگهه نه هجڻ سبب فصل ڀيلائڻ تي مجبور آهيون، هنن چيو ته گذريل سال به مقامي ٽماٽي جو اگهه نه ٿيو هو ۽ هن سال به نقصان برداشت ڪري رهيا آهيون.