ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غيرلاڳاپيل ماڻهن کي ڏنل سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پوليس ذريعن موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پوليس آفيسرن کي حڪم ڪيو آهي ته گھروکاتي جي اجازت کانسواءِ غيرلاڳاپيل ماڻهن کي ڏنل سيڪيورٽي واپس ورتي وڃي، سمورا پوليس آفيسر سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائين ته غيرلاڳاپيل ماڻهن کي سيڪيورٽي  ڏنل ناهي. آءِ جي سنڌ چيو ته الزام ثابت ٿيو ته لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪيس داخل ٿي سگھي ٿو