ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ دهشتگردي جي تازي لهر بعد سڄي صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب دهشتگردي جي تازن واقعن ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب هٿيارن جي نمائش تي 3 مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪري قلم 144 نافذ ڪيو ويو. پابندي آءِ جي سنڌ جي سفارش تي لڳائي وئي. نوٽيفڪيشن موجب پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ رجسٽرڊ ڪمپنين جا سيڪيورٽي گارڊ ڊيوٽي دوران انهي پابندي کان آجا هوندا. نوٽيفڪيشن ۾ ايس ايچ اوز کي هدايت ڪئي وئي ته اهي قانون جي خلاف ورزي تي قلم 188 تحت ڪيس داخل ڪن