حيدرآباد(رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد جي واڌو واهه کي ٻيهر بحال ڪري ان ۾ صاف پاڻي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام ۾ واڌو واهه جي بحالي لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي رقم منظور ڪئي آهي. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ به منظوري ڏني آهي. ايندڙ مهيني تائين اسڪيم جي انتظامي منظوري کانپوءِ واڌو واهه جي بحالي جو ٽينڊر جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. آبپاشي کاتي جي ذريعن مطابق واڌو واهه کي ڄامشورو روڊ وٽان ڦليلي واهه کان لطيف آباد جي اوور هيڊ برج تائين بحال ڪري ان ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو جيڪو راڻي باغ ۽ لطيف آباد کي پيئڻ لاءِ فراهم ڪيو ويندو. رٿا تحت واڌو واهه جي باءِ پاس کان مٿي ڄامشورو روڊ تائين ٻنهي پاسن کان پڪو روڊ تعمير ڪيو ويندو ۽ ان ئي حصي جي لائيننگ ڪئي  ويندي. روڊن جي پاسي کان فٽ پاٿ به جوڙيا ويندا. واڌو واهه سان گڏ ان جا ضروري واٽر ڪورس ۽ واڌو واهه مان نڪرندڙ فسادي واهه کي به بحال ڪيو ويندو. ڦليلي ڪئنال تي واڌو واهه جي پمپنگ اسٽيشن به تيار ڪئي ويندي جنهن کي شمسي توانائي سان ڳنڍيو ويندو. آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب واڌو واهه ۾ پوندڙ آبادين تان گٽر ۽ پائيپ لائينون بند ڪيون وينديون جن لاءِ الڳ ڊرينيج سسٽم جوڙڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کي لکيو ويندو. واضح رهي ته واڌو واهه دائمي ڪئنال آهي جنهن لاءِ بئراج جي بندي کانسواءِ باقي سمورا ڏينهن 24 ڪيوسڪ پاڻي منظور به ٿيل آهي. رابطو ڪرڻ تي ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر حاجي خان جمالي ٻڌايو ته واڌو واهه جي بحالي اي ڊي پي جي 23-2022ع واري اسڪيم تحت ٿي آهي.