سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ بدامني ڪيس وارو معاملو، عدالت ٻڌڻيءَ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ڏوھارين جي سرپرستن، سھولتڪارن، پوليس ۾ لڪل ڪارين رڍن کي وائکو ڪرڻ لاءِ سکر، لارڪاڻو، شھيد بينطير آباد ڊويزن ۾ ضلعي سطح تي جي آءِ ٽي ٺاھڻ، گڏيل آپريشن لاءِ پلان جوڙڻ جو حڪم. رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ھاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ علي گل عباسي طرفان داخل بدامني بابت پٽيشن جي ٻڌڻي جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي. عدالت ڏوهارين جي سرپرستن، سهولتڪارن، پوليس ۾ لڪل ڪارين رڍن کي وائکو ڪرڻ لاءِ سکر، لاڙڪاڻو ۽ شھيد بينظير آباد ڊويزن جي گهوٽڪي، ڪمشور، شڪارپور سميت 11 ضلعن ۾ جي آئي ٽيز قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي ٻه رڪني بئنچ طرفان لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي مطابق عدالت سنڌ پوليس کي جديد هٿيار فراهم ڪرڻ جي حوالي سان قدم کڻڻ جي ھدايت ڪئي آھي، بدامني کي روڪڻ لاءِ پوليس وٽ ڪو طريقيڪار ناھي، پوليس آفيسرن دعويٰ ڪئي آھي ته سکر، گھوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جون پنجاب ۽ بلوچستان سان سرحدون ملن ٿيون تنھن ڪري غيرقانوني ھٿيارن جي اسمگلنگ، مغوين جي خريد و فرخت، منتقلي آسان آھي، اِن ڪري وفاق کي سنڌ حڪومت سان ملي ڪري ڪم ڪرڻ گھرجي، وفاقي حڪومت سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا آءِ جيز پاڻ ۾ مشاورت ڪري مسئلي جي حل سان گڏ ايندڙ ٻڌڻي تي مختصر مدت توڙي ڊگھي آپريشن جي تياري متعلق رپورٽ پيش ڪن. عدالت وڌيڪ ڄاڻايو ته  رڪارڊ تي آيو آھي ته سنڌ ۾ ڪو گھرو وزير ناھي، معاملات وڏو وزير ھلائي رھيو آھي، جيڪو پھريان ئي مختلف ڪمن ۾ مصروف آھي ڇو نه بدامني جي ڪارڻ متعلق وڏي وزير کي عدالت ۾ گھرايو وڃي. گھرو سيڪريٽري طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته وڏي وزير جي صدارت ھيٺ ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنھن ۾ ڄاڻايو ويو ته مارٽر، بغير پائيلٽ جي جنگي فضائي گاڏين سميت ٻين فوجي گريڊ جي ھٿيارن جي استعمال، سکيا توڙي حفاظت جي ضرورت آھي. ملٽري گريڊ جي ھٿيارن جي خريداري لاءِ 2.796.184 ملين روپيا مختص ڪيا ويا آھن. سنڌ پوليس جي لاءِ ملٽري گريڊ جا ھٿيار خريد ڪري سگھجن ٿا پر اِن ھٿيارن جي خريداري متعلق ھڪ اھم سوال صلاحيت آھي. آءِ جي سنڌ اِن حوالي سان گھرو وزارت ۾ جواب داخل ڪرايو ته آر آر ايف ۽ ايس ايس يو يونٽس ۾ تربيت يافته اھلڪار آھن جن کي وڌيڪ تربيت ڏني ويندي. وزير اعليٰ سنڌ 16 فيبروري 2023 تي ملٽري گريڊ جي ھٿيارن جي خريداري لاءِ ڪابينا ۾ تجويز غور جي لاءِ رکي آھي ۽ ڄاڻايل معاملو گھرو وزارت آڏو به رکيو ويو آھي. گهرو وزارت خدشو ظاھر ڪيو آھي ته سنڌ پوليس اِن پوزيشن ۾ ناھي ته ملٽري گريڊ جي ھٿيارن جي حفاظت، استعمال ۽ تحفظ کي يقين بڻائي سگھي، پوليس اختياريون ڪابينا سان گڏجي ملٽري ھٿيارن جي خريداري کي يقيني بڻائڻ سان گڏ احتياط کان ڪم ورتو وڃي. عدالت گھرو وزارت کي سکر، شھيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ضلعي سطح تي ايس ايس پيز جي اڳواڻيءَ ۾ حساس ادارن جي جي موجودگيءَ ۾ ڌاڙيلن جي سرپرستن، سھولتڪارن، پوليس ۾ لڪل ڪارين رڍن ۽ ڏوھن جي خاتمي جي حوالي سان جي آءِ ٽيز تشڪيل ڏيڻ جو حڪم ڏنو آھي، گھرو وزارت اِن ڳالھ کي به يقيني بڻائي ته مسئلن جو جائزو وٺي گڏيل گھٽ مدت ۽ وڏي مدت وارا آپريشن پلان جوڙيا وڃن. اِن حوالي سان آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پيز به حڪمت عملي تيار ڪري عدالت ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪن. عدالت وفاقي گھرو وزارت جي سيڪريٽري ڪابينا، گھرو سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت ٽنھي ڊويزن جي ايس ايس پيز کي اِن گڏيل آپريشن، ڏوھارين جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي عدالت ۾ 2 مارچ تي پيش ٿي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. ٻي صورت ۾ وزير اعظم پاڪستان ۽ وزير اعلي سنڌ کي بہ گھرائي سگھجي ٿو.