ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڪورونا 118 حياتيون کسي ورتيون، 4318 نوان ڪيس پهتا، ڪورونا شرح گهٽجي 8.55 سيڪڙو تي پهتي، ٻئي طرف سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 366 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته هن وقت 6776 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 6439 گهرن اندر، 12 آئيسوليشن سينٽرن  ۽ 325 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 298 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، 39 کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ 206، حيدرآباد ۾ 32، ٽنڊي محمد خان ۾ 26، ميرپورخاص ۾ 15، دادو ۽ نوابشاھ ۾ 13-13، بدين ۾ 11، نوشھروفيروز ۽ ٺٽي ۾ 9-9، عمرڪوٽ ۾ 8، سجاول ۾ 4، جيڪب آباد ۽ گھوٽڪيءَ ۾ 2، خيرپور ۽ شڪارپور ۾ ھڪ ھڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. ٻئي پاسي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ڪالوني جو واسي 74 سالن جو محمد هاشم ولد محمد ابراهيم لمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته کهڙا جي پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ جي 3 ملازمن فضل محمد ميمڻ، نجيب کهڙو ۽ احمد علي جي ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد ڪاليج کي هڪ هفتي لاءِ بند ڪيو ويو، جڏهن ته بيسڪ هيلٿ يونٽ کهڙا جي نرس امبرين کي ڪورونا جي تصديق ٿيڻ بعد بيسڪ هيلٿ سينٽر کي پڻ بند ڪيو ويو آهي ٻئي طرف سنڌ سرڪار 16 مئي تائين سمورو رمضان توڙي عيد تي بازارون ۽ شاپنگ مال جمعي ۽ آچر تي هفتي ۾ 2 ڏينهن بند رکڻ ۽ ڪاروبار رات 8 وڳي ( افطاري تائين) تائين کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي گهرو کاتي موجب سموريون مارڪيٽون ۽ شاپنگ مال صبح 6 کان رات جون 8 وڳي تائين کليل رهندا، جمعي ۽ آچر تي ڪاروباري سرگرميون مڪمل طور بند رهنديون، سماجي، ثقافتي، سياسي، مذهبي توڙي راند روند جي سرگرمين تي مڪمل طور پابندي هوندي، ميوزيڪل پروگرام به نه ٿي سگھندا، سينمائون، درگاهون ۽ پارڪ به مڪمل طور بند رهندا، شادي تقريبن تي به مڪمل طور پابندي هوندي، سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو حاضري رهندي، 50 سيڪڙو ملازم گھران ويهي ڪم ڪري سگھندا، انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو مسافر کڻندي، هوٽلن ۾ کاڌي جي اجازت نه هوندي، آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت به رات جو ڏهين وڳي تائين هوندي، جنهن بعد پارسل جي اجازت هوندي، ٻئي طرف سنڌ حڪومت رمضان ۾ ڪورونا ايس او پيز متعلق نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا، شهرين کي گھرن اندر اعتڪاف ۾ ويهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ، نوٽيفڪيشن موجب مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ نماز دوران قالين وڇائڻ جي اجازت نه هوندي، نماز کليل ڇت هيٺان ادا ڪئي ويندي، جيڪڏهن فرش هجي ته پوءِ صاف قالين وڇائي سگھجي ٿو. نماز کان اڳ ۽ پوءِ ٽولو ڪري ويهڻ کان پرهيز ڪيو وڃي، 50 سالن کان مٿي عمر جي ماڻهن، ٻارڙن کي مسجد ۽ امام بارگاهه ۾ نه اچڻ گھرجي، روڊن ۽ فوٽ پاٿن تي نماز ادا نه ڪئي وڃي، نماز دوران 6 فوٽن جو فاصلو رکيو وڃي، مسجدن ۽ امام بارگاهن کي ڪلورين سان صاف ڪيو وڃي، مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ سحري ۽ افطاري کان پرهيز ڪيو وڃي.