ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عدالت لياري گينگ وار جي مک ڪردار عزير بلوچ کي پوليس مقابلي واري ڪيس ۾ ثابتيون نه هجڻ تان بري ڪري ڇڏيو آهي، عزير بلوچ خلاف پوليس مقابلي جو ڪيس 2012ع ۾ ڪلري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، هن وقت تائين عزير بلوچ 15 ڪيسن مان بري ٿي چڪو آهي، عزير بلوچ خلاف مختلف ٿاڻن تي 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن.