ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) صحت کاتي جي اختيارين سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي لتاڙ ڪندي جناح اسپتال ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايڊمن) جي پوسٽ خالي نه هجڻ باوجود اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايڊمن) واري عهدي تي غيرقانوني طور ترقي ڏئي مقري به ڪري ڇڏي! عدالتي فيصلي آڌار ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايڊمن ) واري عهدي تي ويٺل آفيسر ڄاڻايل ترقي ۽ مقرري کي غيرقانوني قرار ڏئي ٻيهر عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب جناح اسپتال ڪراچي ۾ 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر واري هڪ عهدي تي ٻن ڪامورن کي مقررڪيو ويو آهي، صحت واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي جناح اسپتال جي 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رياض گِل کي 18هين گريڊ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن واري عهدي تي ترقي ڏئي کيس ڄاڻايل عهدي تي مقرر ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته جناح اسپتال ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايڊمن) جي 18هين گريڊ واري پوسٽ رڳو هڪ ئي آهي، ان عهدي تي عدالتي حڪمن تحت ڊاڪٽر يحيٰ تنيو مقرر ٿيل آهي، ذريعن موجب جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي ڄاڻايل عهدي کي خالي ڄاڻايو هو، جنهن بعد صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي نان ڊاڪٽر ۽ نان ڪميشن پاس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رياض گِل کي انهي عهدي تي نه رڳو ترقي ڏني پر ڀريل عهدي تي ٻيهر مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو . ذريعن جو چوڻ آهي ته رياض گِل 2001ع مشرف دور ۾ جناح اسپتال ۾  آفيس اسسٽنٽ طور 11هين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيو هو،  ان حوالي سان جناح اسپتال ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن واري عهدي تي ويٺل ڊاڪٽر يحيٰ تنيو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته آئون عدالتي حڪمن تحت عهدي تي ويٺل آهيان، رياض گِل کي غيرقانوني طور ترقي ڏئي عدالتي حڪمن جي ابتڙ ڊي ڊي ايڊمن واري عهدي تي ويهاريو ويو آهي، آئون انهي فيصلي خلاف عدالت ويندس.