سنڌ ۽ سنگت جو عاشق ڊاڪٽر نذير شيخ الوداع

0
491
هادي ڀٽ تو پڄاڻان سکرسوڳوار ۽سنڌ اداس آهي

جوڳيئڙا جهان ۾ نُوري ٻيا ناري،
ٻَرِي، جِن ٻاريِ، آئون نه جيئندي اُن ريءِ
ڊاڪٽر نذير شيخ بي انتها دلبر انسان هو ، جنهن جي مُک تي هميشه مُرڪ وسندي رهندي هئي. سندس شخصيت ۾ هڪ کِل مُک انسان هميشه موجود هوندو هو. توهان ڪهڙي به محفل ۾ ڊاڪٽر نذير کي ويهاري ڇڏيو، هو پنهنجي سڀاءَ، پنهنجي مخصوص ٻولي، وقتائتن پهاڪن، چوڻين، مثالن، دليلن سان سياسي بحث جي ڪچهري لُٽي روانو ٿيندو هو. هو گفتگو ڪڏهن به کٽڻ، هارائڻ يا ٻي کي نيچ ڏيکارڻ لاءِ ڪونه ڪندو هو، هو صرف پنهنجو ڀرپور وزنائتو موقف رکي ڄاڻندو هو جيڪو اسان هن کي ڪيئي دفعا عام ڪچهرين، سياسي مجلسن توڙي پنهنجي قائد رسول بخش پليجي صاحب سان رکندي ڏٺو. پاڻ هميشه پنهنجي پياري آواز ۾ ڪو رومانٽڪ يا قومي گيت ٻُڌائي محفل کي گرمائي ڇڏيندو هو. ڪنهن محفل ۾ اوچتو ڏسبو هو ته ڊاڪٽر پنهنجي مخصوص انداز ۾ سگريٽ آڱرين ۾ کڻي پيو جُهمريون هڻندو هو، ڊاڪٽر نذير زندگي سان ڀرپور شخص هو جيڪو اوچتو زندگي جي تار مان ڇڄي پنهنجن دوستن ، گهر ڀاتين ۽ ڌرتي ماءَ کي اڪيلو ڪري ويو. آڪاش جي شعر وانگر،“وقت جي چيچ مان ڊاڪٽر جي زندگي جو ڇلو گهرگهلو ٿي ڪري پيو“.
ايسي ڪوئي خبر تو نهين ساڪنان شهر
دريا محبتون ڪي جو بهتي ٿي ٿم گئي
آخري دفعو ساڻس روبرو ڊگهي ملاقات عامر رضا ميمڻ جي گهر ٿي، شايد ٻه، ٽي سال پهريان جي ڳالهه آهي آئون حيدرآباد ويو هيس ته مون عامر کي چيو ته جيڪڏهن توهان واندا هجو ته ڪچهري ڪريون. عامر چيو ته توهان گهر هليا اچو ته ڪچهري ڪريون ٿا. اسان اڃان ڪچهري مس شروع ڪئي ته عامر چيو ته ٻي سنگت کي به گهرايون ٿا ته ڪچهري ۾ مزو ايندو. فون گهمايائين جامي کي ، ان چيو ته آئون ۽ ڊاڪٽر نذير، ڊاڪٽر آڪاش جي گهر ڪچهري ۾ ويٺا آهيون، ٿوري دير ۾ اچون ٿا. بس ڄاڻ پهتاسين. ٿوري دير ۾ اچي جامي ۽ ڊاڪٽر نذير شيخ پُهتا. اچي حال ، احوال شروع ٿيا.سڄي رات گپ شپ ۾ ويٺا هياسين، آذانون آيون ته آئون ۽ عامر ڊاڪٽر کي سندس گهر ڊراپ ڏيڻ وياسين. ڪچهري دوران مُنهنجو خيال هو ته سنڌ ۾ انتها پسندي وڌي پئي ، ڊاڪٽر چوي ته بابا توهين اسلام آباد ۾ ويٺا آهيو، توهين رڳو اهو ٿا ڏسو ته سنڌ ۾ انتها پسندي وڌي پئي، اسين اهو پيا ڏسون ته ان سان گڏ سنڌ ۾ هڪ نئون نسل ڪيئن جنم پيو وٺي. بقول وسعت الله خان جي، اهو نسل جيڪو يا ته پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائي ٿو، يا انگريزي ڳالهائي ٿو. جيڪو نسل اسٽڊي ڪلاسن، سياسي ڪچهرين، سيف سميجو جي ميوزڪ فيسٽيولس، ڪتابي ميلن ۾ ملي ٿو، توهان انهي نسل کان ڪٽيل آهيو. پاڻ تازو سانگهڙ ۾ ماسي بختاور جي چاليهي جي تقريب ۾ شريڪ ٿي آيو هو ، ان جون خبرون، چارون، مِٺي مان تازو چڪر هڻي آيو هو، ان جا احوال، مطلب ته هو سنڌ ۾ تمام گهڻو هلندڙ ڦرندڙ ماڻهو هو. ان جو ماڻهن سان ڪنيڪشن هو، چاهي اهي محفلون ادبي هجن، سياسي هجن، راڳ جون هجن، نوجوانن سان ڪچهريون هجن يا پنهنجي هم عصر، هم خيال دوستن جون ڊگهيون راتين جون ڪچهريون هجن ، ڊاڪٽر هميشه انهن ۾ موجود هوندو هو، هن جي گفتگو سچ پچ مونکي وڏو حوصلو ڏنو. هو حوصلو وڌائيندڙ، شين جا مُثبت رخ ڏسندڙ، انهن کي ٻين آڏو مثبت نموني پيش ڪرڻ جو قائل هو، تنهن ڪري شين جا منفي رخ هن وٽ چٽا هوندا هئا پر هو هميشه ماڻهن جي سوچ ۾ جان وجهندڙ، همتون ۽ حوصلا ڏيندڙ هو. ڊاڪٽر صاحب جيئن ته هڪ صاحب راءِ شخص هو ان ڪري هو هميشه پنهنجي راءِ جو اظهار کلئي نموني ڪندو هو ۽ ان جا جيڪي به نتيجا نڪرن اهي هُو قبول ڪندو هو. پهريون دفعو نوي ۾ عوامي تحريڪ جي ٽوڙ ڦوڙ ڪري جيڪو وڏي تعداد ۾ ڪيڊر نڪتو ، ڊاڪٽر نذير ان ۾ شامل هو پر هن جي پليجي صاحب سان نياز مندي، دعا سلام، ميل ملاقات جو رشتو هميشه قائم رهيو، ان ۾ ڪي ڏار ڪونه آيا. ان دوران هو سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم ۾ ابرار قاضي، مشتاق ميراڻي، ڊاڪٽر اعجاز قريشي ۽ ٻين دوستن سان سرگرم رهيو ۽ ان فورم کي سنڌ جي هڪ بهترين فني فورم طور هلايو جنهن سنڌ جي مسئلن تي ڪيترائي اِنيشَيٽِوز کنيا، ان بعد جڏهن ابرار قاضي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ته ان سان گڏ ڊاڪٽر نذير شيخ پڻ عوامي تحريڪ واپس جوائن ڪئي ۽ ساڳئي جوش جذبي سان ڪم ڪندو رهيو. جيئن ته پليجي صاحب جو پڻ پنهنجو مزاج ۽ پنهنجي طبيعت، پنهنجي ڪم ڪرڻ جو طريقو هوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سان راضيءِ هوندو ته ان کي ڪيئن ڪري پيو پيش ڪندو هو ، وري جي ٿورو اختلاف ٿيو ته پوءِ ان شخص ۾ سڀ خرابيون پيون نظر اينديون هيون.پليجي صاحب ۾ ان توازن جي سخت کوٽ هئي. انهن سببن ڪري ڊاڪٽر نذير وري پارٽي کان ڇڊو ٿيو ويو هو ۽ وڃي پنهنجي ذاتي ڪاروبار ۽ ڪمن ڪارين ۾ لڳو. ڊاڪٽر جو عجيب انداز هوندو هو ڪچهري جو، بحث هلندي هلندي، وات مان ٻه ، ٽي گاريون ڪڍي ، چوندو، “ڇورا منهنجي ڳالهه ، توهان سمجهندئو ڪونه، اڙي آئون ڇا پيو چوان، سمجهئي ؟” پوءِ اسين پيا کل ۾ رڙهندا هياسين۽ چونداسين، ها ڊاڪٽر تون سهي پيو چوين. وري کِل. مطلب اهو سندس کِل مُک وارو انداز هوندو هو، دوستن سان بي انتها پيار ڪندڙ ماڻهو هو. ٻه ، ٽي دفعا مون کي فون ڪيائين، حال ، احوال ٿيا، ڪچهري ڪئيسين، سندس فرزند، هتي ريحانه جي گهر آيو هو ، پاڻ چيائين ته منهنجي پٽ کي موڪليان ٿو توڏي ، نوجوان سان ڪچهري ڪر، حال احوال پُڇينس ، ڇا پيو پڙهي، ڇا پيو ڪري، مڙئي نوجوانن کي ڪي صلاحون ڏيو ته اڳتي پنهنجي ڪيرئير ۾ نڪرن. پوءِ سندس فرزند ، مون وٽ آيو، ٻه، ٽي دفعا ملاقات ڪيوسين. انتهائي فضيلت وارو ۽ محنتي نوجوان آهي.
جيڪڏهن آئون اهو چوان ته بلڪل وڌاءَ نه ٿيندو ته ڊاڪٽر نذير شيخ وٽ جيڪا هڪ عدد حياتي هئي سا هن پنهنجي سنڌ وطن مٿان گهور ڪري ڇڏي. نه هن پروفيشنلي ڊاڪٽري ڪئي، نه ڪي نوڪريون ڪيون، نه ڪي وڏا بزنس ڪيا. جيڪي هوندو هيس ان ۾ راضي هوندو هو ۽ سياسي، سماجي، ادبي سرگرمين ۾ سدائين مصروف هوندو هو. ساڻس گڏ ويهندڙ ماڻهو ڪڏهن به عمر جو گيپ محسوس نه ڪندا. هو نوجوانن سان به اهڙو ئي هوندو هيو، جهڙو پنهنجي هم عمر يا هم عصر دوستن سان گڏ. هي اهڙو نسل هو جنهن جي اهڙي ته تربيت ٿيل هئي ، جو هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، ڄڻ هن کي خبر هئي ته انسان سان جيڪو وهي واپري ٿو، جيڪي زيادتون، تڪليفون، ڏک، درد، اڻ هوند، بيماري ، سيماري جيڪو ڪجهه ٿئي ،
اهو زندگي جو اٽٽ حصو آهي ، تنهن ڪري ان سان گڏ جيئڻو آهي، ڀرپور جيئڻو آهي ۽ با قاعدا جيئڻو آهي. شڪايت ڪنهن سان ڪجي، ڇا ڪجي ، بس جيڪو ٿيو ، ان جو خير آهي، وري نئون سفر شروع ڪبو.هُن جا ٻار هڪڙي شفيق پيءَ، ڀيڻون ۽ ڀائر هڪ شفيق ڀاءَ، سندس دوست هڪڙي مخلص، يگاني، بي لوث، محبتي، کِل مُک يار کام محروم ٿي ويا. هاڻي اهي ڊاڪٽر نذير جا چرچا، هن جا سياسي تبصرا، هن جي راتين جو ڪچهريون، هن جي پرجوش آواز ۾ رومانٽڪ ۽ قومي گيت، هن جي محفل ۾ سگريٽ پنهنجي آڱرين ۾ کڻي رقص ڪرڻ جو انداز، هن جون ڳِراٺڙيون، هُن جون خماريل ، ڳاڙهسريون محبوب اکيون. هن جو چتائي ڏسڻ جو بي انتها محبوب انداز، محفلن ۽ ڪچهرين ۾ هر وقت سندس ڀرپور ۽ نمايان موجودگي جي سڳند نه ماڻي سگهندا. ڊاڪٽر نذير پنهنجي سنگت کي هميشه جي لاءَ اڪيلو ڪري ويو. سنڌ هڪڙي مخلص قومي ڪارڪن، يگاني ۽ سجاڳ سياسي ورڪر، هڪڙي روشن خيال ۽ سڀاڻي جي سنڌ جي فڪر سان سلهاڙيل شخص، جنهن جي پارٽي، جنهن جو نظريو رڳو سنڌ هئي، جنهن جو جذبو ۽ دل سنڌ جي لاءِ ڌڙڪندي هئي، کان محروم ٿي وئي. سنڌ تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو، تڏهن ڊاڪٽر جا پرجوش نعرا، هن جا ترنم ۾ ڳاتل گيت، هن جون سياسي ڪچهريون هر وقت هڪيو، تڪيو حاضر هُجڻ، هميشه لاءِ پنهنجي هڪ عاليشان شخصي، سياسي ۽ اجتماعي ڪردار جي ڇاپ ڇڏي پنهنجو ٿَڪ لاهڻ لاءِ ڌرتي ماءَ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو.
ويران هي مئڪده خم و ساغر اداس هين
تم ڪيا گئي ڪه روٺ گئي دن بهار ڪي