سنڌ پرائيويٽ اسڪولز ايسوسئيشن جو جمعي تي تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان

0
278
تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
سنڌ پرائيويٽ اسڪولز ايسوسئيشن جو جمعي تي تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان

آل سنڌ پرائيويٽ اسڪول اينڊ ڪالجز ايسوسيئيشن غيريقيني موسم جي صورتحال سبب جمعي تي پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪالج بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

آل سنڌ پرائيويٽ اسڪولز ۽ ڪاليجز ايسوسيئيشن جي چيئرمين حيدر علي جو چوڻ آھي تھ برساتن سبب متاثر ضلعن ۾ اسڪولز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي

حيدر علي جو چوڻ ھو تھ حڪومت اڃان تائين سرڪاري بند ڪرڻ جي حوالي سان ڪوبھ فيصلو ناھي ڪيو ويو

ياد رھي تھ وچ بحيرھ عرب ۾ ٽراپيڪل سامونڊي طوفان ٺھي رھيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ مڪران جي ساحلي علائقي ۾ تيز ھوائن سان گڏ طوفاني برساتن جو امڪان آھي

موسميات کاتي موجب سائيڪلون ڪراچي کان 300 ڪلوميٽر پري آھي جيڪو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ مڪران جي سامونشي علائقن ۾ تيز برساتن ۽ تيز ھوائن جو سبب بڻجي سگھي ٿو