عورت کي ڏاڍائي کانپوءِ قتل ڪرڻ واري برطانوي پوليس آفيسر کي تاحيات قيد جي سزا

0
230
عورت کي ڏاڍائي کانپوءِ قتل
عورت کي ڏاڍائي کانپوءِ قتل ڪرڻ واري برطانوي پوليس آفيسر کي تاحيات قيد جي سزا

برطانوي پوليس آفيسر کي عورت کي ڏاڍائي ۽ قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ تاحيات قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

خبر ايجنسي موجب برطانوي عدالت خميس جي ڏانھن ڪيس جو فيصلو ٻڌايو جنھن ۾ 33 سالن جي عورت سارا ايورڊ کي جعلي گرفتاري کانپوءِ ڏاڍائي ۽ قتل جي ڪيس ۾ 48 سالن جي پوليس آفيسر کي تاحيات قيد جي سزا ٻڌائي وئي

33 سالن جي سارا ايورڊ نالي عورت برطانيا ۾ لاڪ ڊائون جي دوران گم ٿي وئي ھئي جنھن کانپوءِ برطانيا ۾ لاپتا ماڻھن متعلق تفتيش ۾ انھي ڪيس کي انتھائي اھميت حاصل ٿي جڏھن تھ واقعي کانپوءِ برطانيا ۾ احتجاج ڪيو ويو ۽ روڊن تي عورت کي تحفظ تي نئي بحث شروع ٿي وئي

خبر ايجنسي موجب 48 سالن جي پوليس آفيسر وائن ڪوزنس لنڊن ميٽرو پوليٽين پوليس جي ايليٽ ڊپلوميٽڪ پروٽيڪشن يونٽ ۾ مقرر ھو جنھن جولائي ۾ عورت کي اغوا، ڏاڍائي ۽ پوءِ قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ھو

ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻڌايو ويو تھ پوليس آفيسر وائن ڪوزنس عورت کي 3 مارچ تي زبردستي گاڏي ۾ ويھاريو جنھن کانپوءِ عورت جي لاش کي تقريبن 50 ميل پري جي علائقي مان برآمد ٿي جڏھن تھ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اھا ڳالھھ سامھون آئي تھ عورت جو موت گھٽا ڏيڻ سبب ساھھ ٻوساٽجڻ سبب واقع ٿي

خبر ايجنسي موجب عورت طرفان جوابدار کي تاحيات قيد جي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ انھيءَ جي پيرول تي آزادي ڪوبھ امڪان ناھي

عدالتي فيصلي کانپوءِ مقتولا جي گھرڀاتين جو چوڻ ھو تھ ڪوبھ ھاڻي شين کي بھتر نٿو ڪري سگھي ۽ ڪوئي بھ سارا کي واپس نٿو آڻي سگھي پر جوابدار کي تاحيات قيد ھن کي ڪجھھ راحت ۽ سڪون فراھم ڪندي.