سنڌ وومين ڪرڪيٽ چيمپئن شپ جي فائنل ۾ ڪراچي جون 2 ٽيمون پهچي ويون

0
187

حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ وومين ڪپ انٽر سٽي سپر ليگ چئمپين شپ ۾ ايس ايم ايس وومينز ڪراچي ۽ ايم حسين وومين ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي جي ٽيمن فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. نياز اسٽيڊيم ۾ جاري چئمپين شپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ايس ايم ايس وومين ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي پاران وومين ڪرڪيٽ گرومرز اڪيڊمي حيدرآباد کي دلچسپ مقابلي بعد 6 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي.

ايس ايم ايس ڪلب جي تجربيڪار بيٽر گرومرز اڪيڊمي جي بالرز ايمان حيدر ۽ ماهه گل جي بالنگ سامهون نه بيهي سگهي. سڄي ٽيم 14.2 اوورز ۾ 74 رنسن ڍير ٿي وئي. حورينا سجاد 22 ۽ انٽرنيشنل رانديگرياڻي اقصيٰ خالد 18 رنسن سان نمايان رهيون. گرومرز جي ايمان حيدر 18 رنسون ڏئي 4 ۽ ماهه گل 14 رنسون ڏئي ٽن رانديگرياڻين کي آئوٽ ڪيو. گرومرز اڪيڊمي پاور پلي دوران رڳو 18 رنسون اسڪور ڪيون. سموري ٽيم 19.2 اوورز ۾ 68 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

ايشا راهپوٽو 19 ۽ ماهم منظور رڳو 8 رنسون ٺاهيون. اقصيٰ خالد 14 رنس ڏئي 3، سُندس به 14 رنسون ڏئي ٻن ۽ سونيا 11 رنسون ڏئي ٻن رانديگرياڻين کي آئوٽ ڪيو. اقصيٰ خالد پليئر آف دي مئچ  رهي.  پر هن پنهنجو ايوارڊ 4 وڪيٽون حاصل ڪندڙ گرومرز اڪيڊمي جي ايمان حيدر کي ڏئي ڇڏيو. ٻئي سيمي فائنل ۾ ايم حسين وومين ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي، اي آر وومين ڪرڪيٽ حيدرآباد کي 106 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏني. ايم حسين ڪلب پهرين راند ڪندي اوپنر اريبا حنيف جي شاندار 105 رنسن جي بدولت 20 اوورز ۾ 5 وڪيٽن تي 181 رنسون ٺاهيون. انوشا ناصر 26 رنسن سان نمايان رهي.

نائلا فرحت 36 رنسن عيوض 3، شاهانا وصي 21 رنس ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. اي آر وومين 20 اوورز ۾ ٽن وڪيٽن تي رڳو 75 رنسون ٺاهيون. نائلا فرحت 29 رنسن سان نمايان رهي. بسمه امجد 12 رنسون ۽ خضرا لياقت 14 رنسون ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. اريبا حنيف کي پليئر آف دي مئچ جو ايوارڊ ڏنو.