بيڊمنٽن چيمپئن پي سي بي وومين بورڊ جي سربراهه مقرر

0
173

اسلام آباد(م ڊ) بيڊمنٽن جي اڳوڻي قومي چيمپئن تانيا ملڪ کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي وومينز ڪرڪيٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. هوءَ پهرين آڪٽوبر کان عهدو سنڀاليندي.

تانيا ملڪ لمز يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي، 1986ع ۾ سول ايوي ايشن گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي هئي ۽ 88-1987ع ۾ قومي بيڊمنٽن چيمپئن به رهي. هوءُ پنجاب اولمپڪ ايسوسيئيشن ۽ پنجاب اسڪواش ايسوسيئيشن جي نائب صدر به رهي چڪي آهي، ۽ ورلڊ بينڪ جي وومين ڊولپمينٽ پراجيڪٽس ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.