سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران تعليم واري سيڪريٽري احمد بخش ناريجو جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري

0
308

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم واري سيڪريٽري احمد بخش ناريجو جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 9 جون تائين جواب طلب، احمد بخش ناريجو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هو 21هين گريڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، سينيئرٽي جي لحاذ سان سندس 22هون گريڊ هجڻ گهرجي، ڄاڻائي واڻي جونيئرز کي ترقي ڏئي سينيئرز کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.