ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آدمشماري وارو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي وڃڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي خط لکي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس ڪوٺائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير پاران لکيل خط ۾ آئين جي آرٽيڪل 154 (7) جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته سنڌ کي آدمشماري جي نتيجن تي اعتراض آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي، مختلف ادارن پاران ڪيل سروي جا سمورا انگ اکر پڻ موجود آهن، ان باوجود تڪراري آدمشماري منظور ڪرائي سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي آهي. سنڌ پهرئين ڏينهن کان ان تي اعتراض واريا هئا، پر سي سي آءِ مان آدمشماري جي منظوري ورتي وئي. آئيني طور سي سي آءِ مان ڪنهن به فيصلي جي منظوري لاءِ اتفاق راءِ لازمي آهي ۽ جنهن ايجنڊا تي اتفاق راءِ نٿو ٿئي، اهو معاملو ڪا به ڌر پارليامينٽ ۾ کڻي وڃِي سگهي ٿي، سي سي آءِ جي جنهن اجلاس ۾آدمشماري جي منظوري ڏني وئي هئي، سنڌ انهي اجلاس ۾ به اعتراض واريو هو. ان ڪري سنڌ سرڪار ڪابينا جي منظوري سان چاهي ٿي ته آدمشماري معاملي تي سينيٽ ۽قومي اسمبلي ۾ بحث ڪرايو وڃي. وڏي وزير خط سان گڏ سي سي آءِ اجلاس، ڪيبينٽ ڊويزن جي اجلاس سميت مختلف وقتن تي ٿيل لکپڙهه جا دستاويزي ثبوت پڻ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو گڏيل اجلاس ڪوٺائي، تڪراري آدمشماري تي بحث ڪرايو وڃي.