اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ سال ۾ 4 هزار ارب رپين جو ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۽ تاريخي ڪارنامو انجام ڏيڻ تي ايف بي آر کي شاباش ڏيان ٿو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته جولاءِ 2020 کان مئي 2021 تائين ايف بي آر 4 هزار 143 ارب رپين جو ٽيڪس گڏ ڪيو، ٽيڪس وصوليون گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 18 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اهو ڪارنامو حڪومت جي معاشي پاليسين سبب معيشت جي بحالي جي عڪاسي آهي.