اسلام آباد: پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ لاءِ درخواست صدر کي لکڻ گهرجي ها. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس صدر طلب ڪندو آهي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ سينيٽ جو چيئرمين رڳو اپوزيشن جي رڪيوزيشن تي پنهنجي پنهنجي ايوانن جا اجلاس طلب ڪري سگهن ٿا. گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس سڏائڻ جو اختيار صدر جو هوندو آهي. سي سي آءِ جي فيصلي تي گڏيل اجلاس سڏائڻ لاءِ سنڌ جي حڪومت کي به صدر سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها جيڪو اجلاس سڏائي ها.