ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت وفاق ۽ ارسا جي پاڻي بابت دعويٰ کي رد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ کي 91ع ٺاھ تحت حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، گڊو بئراج ۾ ايندڙ پاڻي جو حساب ڏيڻ بجاءِ اسان کان ڪوٽڙي بئراج واري پاڻي جو حساب وٺندڙ وفاقي وزيرن کي جاگرافي جي به خبر ناهي. گذريل ڏينهن سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاق، پنجاب ۽ ارسا ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، اسان ڪنهن ٻئي جو حصو نه پر پنهنجو حق گھرون ٿا پوءِ به سنڌ کي حصي جو پاڻي نه پيو ملي، هن چيو ته ٻين صوبن کي به حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي، اسان ٻين صوبن جي مخالفت نه پيا ڪيون پر اسان سان ناجائزي نه ڪئي وڃي، هن چيو ته پنجاب جو آبپاشي وزير چوي پيو ته ٽي پي لنڪ ڪئنال وهائڻ سندن حق آھي، پي ٽي آءِ حڪومت ڪوڙا انگ اکر جاري ڪري سنڌ سان ناانصافي ڪري پئي، سنڌ ۾ کوٽ 37 سيڪڙو آھي ۽ پنجاب جي 26 سيڪڙو تائين آهي، هن وڌيڪ چيوآهي ته وفاقي وزيرن کي پاڪستان جي جاگرافي جي به خبر ئي ناهي، گڊو بئراج ۾ جيترو پاڻي اچي پيو ان جو حساب ڏيڻ بجاءِ اسان کان ڪوٽڙي بئراج جو حساب ورتو پيو وڃي، پاڻي پنجاب کان اچي پيو ته پوءِ سنڌ ڪيئن پاڻي چوري ڪري رهي آهي؟ هن چيو ته بدين پاڻي لاءِ تڙپي پيو پر فهميده مرزا پنهنجي اندروني مسئلن تي آواز اٿاري رهي آهي، کيس بدين جي عوام جو درد ناهي، هن چيو ته سارين ۽ وونئڻن کي پاڻي گهرجي، ارسا سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته ڪوٽڙي کان پاڻي چوري ٿي رهيو آهي. گڊو ۽ تونسا ۾ به پاڻي گهٽ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ سهيل انور سيال چيو ته نيب سکر جي پريس ريليز کان نٿا ڊڄون، ڪورٽ ۾ بيگناهي ثابت ڪندس، لڳي ٿو نيب چيئرمين مون کان وڏو ڪم وٺندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي جيڪڏهن ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگھيس ته وزارت تان پاڻ ئي پوئتي ٿي ويندس وزيراعظم سان گڏجاڻي تائين ارسا اسان کي مطمئن نه ڪري سگھيو، وزيراعظم به اجلاس مان اهو چئي اٿي ويو ته توهان کي ٻڌايو ويندو. پيپلز پارٽي پاڻي وارو معاملو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي توڙي سي سي آءِ ۾ به اٿاريو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آهي، اسان کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اسان جي موقف کي تسليم نه ڪندي.