سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ قبرستانن تي قبضن وارين داخل درخواستن جي ڪيل ٻڌڻيءَ جو لکت ۾ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آھي. عدالت پاران لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته روھڙيءَ جي وڪيل سھيل لطيف ميمڻ طرفان قبرستان تي قبضن متعلق داخل درخواست تي عدالتي حڪم بعد سول جج روھڙي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ھئي، جنھن ۾ قبرستانن ۽ انھن جي روڊن تي قبضن جي نشاندھي ڪئي وئي ھئي، جنھن ڪري فوري طور تي سول جج جي رپورٽ تي عمل درآمد ڪرائيندي فوري طور قبضا ختم ڪرايا وڃن. عدالت طرفان پنھنجي جاري ڪيل لکت واري فيصلي ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ايٽ سکر، ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي سائوٿ، ڪراچي ايسٽ، سينٽرل، ڪورنگي، ويسٽ ڪراچي، ڪيماڙي، سکر، گھوٽڪي، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبرشھدادڪوٽ، نوشھروفيروز، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، سجاول، حيدرآباد، ميرپور خاص، ٺٽو، بدين، ڄامشورو، سانگھڙ، شھيد بينظير آباد (نوابشاھ)، سانگھڙ، دادو، ٿرپارڪر ايٽ مٺي، عمرڪورٽ، مٽياري، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الھيار جي ڊپٽي ڪمشنرز کي حڪم ڏنو آھي ته قبرستانن تان قبضا فوري طور ختم ڪرائي ۽ قبرستانن جي ايراضيءَ متعلق سروي رپورٽ تيار ڪري ايندڙ ٻڌڻي 26 مئي تي عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.