ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڀارتي اختيارين ابراهيم حيدري مان مڇيءَ جي شڪار لاءِ ويل هڪ ئي گھر جي 4 ڀاتين سميت 8 مهاڻن کي گرفتار ڪري ورتو، مهاڻن وٽان 30 ڪلو هيروئن هٿ اچڻ جي دعوي ،ٰ ان حوالي سان 15 ڏينهن اڳ ابراهيم حيدري جو مشهور ناکئو يامين شيرو پنهنجن ٽن پُٽن مرتضيٰ، مصطفيٰ ۽ نصرالله، 4 خلاصين صالح، ياسين، رفيق ۽ حسين سان گڏجي مڇيءَ جي شڪار تي روانو ٿيو، ڀارتي فورسز سندن حدن ۾ داخل ٿيڻ تي 8 ئي مهاڻن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. سندن گرفتاري جو ٻن هفتن بعد گھروارن کي اطلاع مليو آهي، جنهن بعد سندن گھرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو آهي، ان سلسلي ۾ گرفتار مهاڻن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي پيارن کي گجرات جي جيل ۾ قيد رکيو ويو آهي، مٿن 30 ڪلو هيروئن رکڻ جو الزام به لڳايو ويو آھي. هنن چيو ته اسان جي پيارن جو ڪو ڏوهه ناهي. کين بي گناھ گرفتار ڪيو ويو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته بي گناھ گرفتار ٿيلن کي بِنا دير آزاد ڪرايو وڃي.