سکر (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت سکر جي جج فريد انور قاضي گهوٽڪي خوراڪ کاتي ۾ ٿيل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدار ڏوھه مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪئي، واضع رھي ته خوراڪ کاتي سکر جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر انيس الرحمان مھر، فلور مل مالڪ اشوڪ ڪمار، گيانچند، وشو مل سميت 9 ڄڻن مٿان 12 ڪروڙ 86 لک 75 هزار 240 رپين جي ڪرپشن جو نيب سکر طرفان احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرايو ويو، جنھن ۾ نيب سکر طرفان خوراڪ کاتي جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر انيس الرحمان سميت ٻين کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آھي. ڪالھ عدالت طرفان جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آھي.