سنڌ جي مزاحمتي سياست ۽ اين جي اوز پاران لڳل کاٽ!

0
239
سنڌ جي مزاحمتي سياست ۽ اين جي اوز پاران لڳل کاٽ!

 هڪڙو زمانو هو جڏهن سنڌ جي مزاحمت واري مظلوم دوست ۽ قوم دوست سياست جو جيئندان ميڊيا سان سلهاڙيل نه هو، ميڊيا ۾ ئي زنده ڪونه هو. اُها سياست عوام ۾ هئي، عوام پاران هئي، عوام جي هئي، عوام ساڻ هئي! تاريخ شاهد آهي، سواءِ ڪجهه ادارن جي ٻيا ميڊيا جا تقريبن اُهي ادارا جن جي مارڪيٽ سُٺي هئي، جيڪي ادارا پنهنجي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇپجندڙ، ڏسجندڙ، پڙهيا ويندڙ، مقبول ۽ ڪمائيندڙ هئا انهن سدائين واڳ ڌڻين جي سپورٽ ڪئي آهي يا انهن کي مختلف طريقن سان پابنديون مڙهي به استعمال ڪيو ويو آهي! پر ماضي جي سنڌي سياست جي تاريخ ۾ ڪجهه ڏهاڪا اهڙا پڻ رهيا جن ۾ ميڊيا ڪيڏو به اگنور ڪندي هئي يا نه ڇاپيندي هئي پر ماڻهن جو احتجاج باهه وانگر پکڙجندو هو، ماڻهو کان ماڻهو تائين واري پراڻي ميڊيا جنهن کي ٿر ۾ لڪڙتار به چوندا آهن، انهي ذريعي پڻ سماج ۾ وڏا مچ ٻَريا ۽ ڪيترائي ڪامياب احتجاج ٿيا! اها لڪڙتار سڄي دنيا ۾ رهي، شڪليون ۽ نالا مختلف رهيا پر ڪم وڏو ڪيو!. جن رهنمائن عالمي انقلابي،سياسي ۽ جاسوسي جي تاريخ  پڙهي هئي تن انهي لڪڙتار کي پنهنجي سياسي حڪمت عملي ۾ رائج ڪيو، استعمال ڪيو. اها ئي حڪمت عملي هئي جنهن سان، مارشلائن دوران سنڌ ۾ ڪامياب سياسي جدوجهدن جا سونهري باب لکجي سگهيا آهن ۽ تنظيمون پنهنجي جدوجهدن ۾ ڦٻي سگهيون آهن! انهي لڪڙتار ذريعي ئي صحيح پر ممڻ اهڙا مچندا هئا جو ايوان لڏي ويندا هئا! سياسي ڪارڪنن ۾ چٽاڀيٽي هئي، شخصيتن جي هاڪ هئي، انقلابي رومانويت جو عروج هو، هڪڙو هڪڙو سياسي اڳواڻ توڙي ڪارڪن پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندو هو ته ڄڻ يانگ موُ وارو جڳ مشهور ناول “نوجوانن جو گيت” پيا پڙهون! عالمي سطح تي حالتون اهڙيون هيون ڪٿي انقلاب اچي چڪا هئا، ڪٿي تياريون هيون، ڪٿي رد ٿي ويا پر مطلب ته سامراجي رڌڻن ۾ وڏا رولڙا هئا!

هن ملڪ جي مالڪن، عالمي سامراج سان هم صلاح ٿي سنڌ جي هن مزاحمت واري مُنفرد سڃاڻپ کي ٽيڪنيڪَلي مَسخ ڪرڻ لاءِ وڏو غور ويچار ڪيو ۽ مختلف تجربا ڪيا. هڪڙي اهم سازش سَٽي، پهرين ته سنڌي سماج ۾ بُک جو ٻج ڇٽيو ويو! سرگرم سياسي خاندانن  جو معاشي طور گهيراءُ ڪيو ويو،تنگ ڪيو ويو. اها حڪمت عملي اڄ تائين جاري آهي! ڪامريڊن جا سڄا ڪم ڪار ۽ ڪاروبار روڪي، انهن کي آئيسوليٽ ڪيو ويو! جن نعرن، جن لقبن، جن سياسي ۽ تنظيمي ٽَيگس ۽ ٺپن تي سياسي ڪارڪنن کي ناز هو، فخر هو، انهن کي هڪ مهم هلائي خوار ڪيو ويو! جن سياسي اڳواڻن تائين عالمي سامراج ۽ انهن جي هتي وارن ڇاڙتن جي پهچ هئي، اُنهن ذريعي اهڙيون سرگرميون ڪرايون ويون جن سان اهو جواز ملي ته سنڌي غدار، ملڪ دشمن، ڪرمنل ۽ دهشتگرد آهن. انهي ۾ اهي هڪ حد تائين ڪامياب ويا. پوءِ جيڪي قابل ۽ تعليمي ادارن جا شاندار پڙهيل لکيل نوجوان نڪتا پئي، انهن کي پڻ سرڪاري توڙي خانگي وڏن ادارن ۾ ملازمت ڪرڻ کان هڪ منصوبي تحت ڄڻ ته دروازا بند ڪيا ويا! مهانگائي جي باهه ٻاري وئي. بيروزگاري کي انتهائي حدن تائين وٺي ويا. نتيجتن جيڪي نوجوان وڙهيا پئي عالمي ۽ ملڪي سامراج سان، ظالم طبقن ۽ قومن سان، انهن منجهان ئي ملڪي سطح تي “بيروزگاري ختم ڪريو” جهڙا نعرا لڳا ۽ سڄي سنڌ ۾ چاڪنگون ٿيون، مايوسيون ڦهلايون ويون، تعليمي ادارن ۾ غنڊاگردي ڪري، منصوبي تحت تعليم کسي، سنڌ جي تعليمي ادارن کي غير اهم ۽ غير معياري بڻايو ويو!

جڏهن اهو جواز ميچوئر ٿيو ته سنڌ ۾ سرڪاري نوڪريون ناهن، تعليمي ادارا تباهه آهن،  نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ پڻ سٺيون نوڪريون ناهن تڏهن، انهي ڏکندڙ نبض تي هٿ رکي اسان وٽ عالمي سامراج جي فنڊنگ تي، اين جي اوز جو ڄار وڇايو ويو! نان گورنمينٽل آرگنائيزيشنس سنڌ ۾ ڪم شروع ڪيو، هٿرادو ماحول جوڙيل هو، جام نوڪريون ڏنيون ويون گهڻي کان گهڻا سياسي ڪارڪن کنيا ويا. اچي ٽريننگون شروع ٿيون. ڪارروائي جو طريقيڪار اهو هو ته بابا ڪم ساڳيو ئي آهي، ماڻهو تيار پيا ڪيون، عورتون نوڪريون ڪنديون، ٻارن جون تنظيمون ٺاهيون ويون، ادبي رسالا ڇپيا ويا، ٽوئر ڪرايا ويا، مطلب ته سڀ سرگرميون بظاهر وڻندڙ وڻندڙ ۽ دلچسپ اندازسان شروع ڪيون ويون . ادارن جو مڪينزم ترقي پسند ٽائيپ هو ۽ ڊولپمينٽ سيڪٽر جي بيهڪ وري لبرل ڪلچر جي آهي ته ڪامريڊن جي پاڙيسري نظريي لبرلزم جي شڪل ۾ گهڻي سنگت خوش ٿي وئي. سنڌ جي سياسي تنظيمن کي کاٽ لڳو! پهرين ئي ٽريننگ ۾ چيو ويندو هو ته بابا پيٽ ۾ ڪجهه هوندو تڏهن سياست ڪري سگهبي! جن نوجوانن جون سڀ واهون ۽ راهون بند ڪيون ويون هيون انهن لاءِ اها سرهائي جي ڳالهه هئي ۽ بُکايل ٻار کي مليل پهرين گرهه وانگر لذيذ شروعات هئي! روزگار وڏو مسئلو هو ۽ آهي پر اهو مسئلو ڇو ٿيو آهي؟ ڪيئن ڪيو ويو آهي؟ انهن جي جڙ ڏانهن ڌيان ويو ئي ڪونه! روزگار ڪرڻ مسئلو ناهي پر روزگار جي بهاني سياست کان پاسيرو ٿيڻ، سياست مخالف مهم جو مبهم طريقي سان حصو بڻجڻ، سهوليت پسند ۽ عيش پسند ٿيڻ، مزاحمت جي اهم گُڻ کان لاتعلق ۽ آجو ٿيڻ جهڙي خطرناڪ عادت، لاڙي يا سازش ۾ سٽجي وڃڻ وڏو مسئلو آهي! ڄڻ ته اصل بيماري کي ڊائگنوز ڪرڻ کانسواءِ ڪينسر جو علاج صرف پيراسٽامول تي شروع ٿي ويو! علاج صحيح ۽ مڪمل ٿيو ڪونه ۽ ڪيترائي وڏا سرگرم نالا، اڳواڻ، ڪارڪن، ليکڪ، اديب، مقرر ڪمپيئر انهي لهواري ۾ لُڙهي ويا! هڪڙي ڳالهه ڪرڻ آئون ضروري سمجهان ٿو ته ڪي تمام ٿورڙا اهڙا پڻ ڪارڪن رهيا آهن جيڪي اين جي اوز ۾ رهندي به پنهنجي سرگرمي جاري رکي پر انهن کي اتان يا ته فارغ ڪيو ويندو آهي يا ته حالتون اهڙيون ڪيون وينديون آهن جو تنگ ٿي ڀڄي وڃن! ايئن ناهي ته انهي زماني ۾ سياسي رهنمائن سنڌ کي انهي سازش کان واقف ڪونه ڪيو. سنڌ جي برک سياستدان رسول بخش پليجي صاحب تن ڏينهن وارين تقريبن ڪچهرين ۾ انهي ڪارروائي جي مخالفت ڪئي، آگاهه ڪيو! هڪڙي ڪائونٽر حڪمت عملي اختيار ڪئي ته قانون جي ڊگري وٺو! صفا  نه ته ٻه رپيا ڪمائي روزي روٽي به ڪري سگهندا ۽ سياست به ڪري سگهندا، لکي پڙهي به سگهندا! اهو ئي سبب آهي جو اڄ هزارين وڪيل سنڌ جي عدالتن ۾ آهن، بار ڪائونسلس ۾ آهن، سياسي تنظيمن ۾ آهن، سنڌ ۾ هن وقت سياست ۾ وڏي اتساهه جو سبب  اهو ئي شعبو بڻيل آهي! سوين وڏا ڪيس سنڌ جا اهي وطن دوست وڪيل بنا ڪنهن فيس جي وڙهن پيا، اها اسان جي قيادت جي ڏُور رس اک هئي، سوچ هئي، رٿابندي هئي جيڪا سنڌ کي ڪم اچي پيئي!  عالمي سخاوت ڪندڙ ادارا جن کي اين جي اوز واري جهان ۾ “ڊونر” چيو ويندو آهي. هن سڄي لڏي جي ماڻهن وٽ ڊونر پسنديده لفظ آهي. ڊونر سونيون ڪُڪڙيون هوندا آهن. انهي کي مطمئن ڪرڻ لاءِ وڏيون تياريون ڪندا آهن.  پوري دنيا ۾ فلاحي ڪم هلن ٿا. فلاحي رياستن وارو ماڊل آمريڪا بهادر ۽ سندس بلاڪ متعارف ئي انهي لاءِ ڪيو آهي ته ماٺ ميٺ ۾ مال کائجي ۽ لٺ سردار ٿي دنيا جي ننڍين ۽ ڪمزور قومن کي غلام رکجي، ۽ هاري سمجهي انهن کان ڪم وٺجي. هر ملڪ جون پنهنجون حالتون، اندروني سماجي حالتون، مجموعي سماجي شعوري سطح، ويڙهه وارا گُر، سماجي ۽ اخلاقي قدر ۽ لاڙا آهن. عالمي سامراج جا ٿنڪ ٽينڪ دنيا جا چونڊ وڏا پڙهيل لکيل ۽ قابل ترين ذهين آهن. انهن کي خوش رکڻ لاءِ سامراج سندن خواهشن کان وڏا پروٽوڪول ڏيندو آهي ۽ انهن جي به ذهني ٽُيوننگ ڪندو رهندو آهي! سو اها ٿنڪ ٽينڪ هر غلام ملڪ يا قوم جي اندروني حالتن جي تپاس ڪري پوءِ انهي جي لاءِ مخصوص قسم جي ڪوڙڪي ٺاهيندو آهي جنهن ۾ هو ڦاسندو رهي! اسان جي سماج کي غير سرگرم، ٿڌو ۽ غش رکڻ لاءِ اها سهولتڪاري، سٺا دل کي وڻندڙ پيڪيج، يورپين اسٽائيل جو ماحول، سهڻو ۽ ماحول دوست اسٽاف ۽ ڀليون مهانگيون گاڏيون مهيا ڪيون ويون آهن، ته جيئن ڦُرلٽ خلاف رعيت ۾ ڪاوڙ، مثبت ڪروڌ، قومي غيرت ۽ مزاحمت وارو انس ئي مري، ڇسو ۽ مڏو ٿي وڃي!ملازم ماڻهو جو ماضي ۾ ڪيل ڪم جي حساب سان سڃاڻپ وارو شوپيس هلندو رهي ۽ هو ماڻهو ڪاٽن وڳي جا سَر بچائيندو رهي ۽ منرل واٽر جي پاڻي واري بوتل سنڀاليندو ۽ مڌم ۽ ڌيمي آواز ۾ ڳالهائيندو رهي، انهي کان وڌيڪ سامراج ۽ سندس هتي جي ڇاڙتن ۽ ڪمائو ملازمن ۽  “مزاحمت جي سائيلينٽ ڪلرس” جي ٻي ڪهڙي ڪاميابي چئبي!

هن سڄي خطي ۾ ڪجهه موسمي تبديلين ۽ ڪجهه انتظامي لاپرواهي سبب آيل ڏڪارن، هٿرادو ٻوڏن، بين القوامي سرمائيدار ڪمپنين جي ڦُرلٽ، هتي جي حڪمرانن وڏيرن، جاگيردارن جي ڪرپشن جي مجموعي سببن جي ڪري رڪارڊ تباهي آئي آهي. انهي هر قسم جي تباهي کي مٿين بيان ڪيل سرگرم ڦورو ڌُرين پنهنجو ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي انهن جو ايترو ته تجربو ٿي ويو آهي جو سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارا هڪڙي ئي صفحي تي آهن. سرڪار پڻ هاڻي تقريبن پراجيڪٽ انهن ادارن کي ڏئي ٿي، ٻاهرين ملڪن ۽ ڊونرس کان پراجيڪٽ اهي گڏجي وٺن ٿا. ماضي جو گهڻو تڻو مزاحمتي سياست وارو لڏو هاڻي يا ته سرڪار سان سڌو سنئون گڏ آهي يا  وري انهن اين جي اوز ۾ آهي يا وري ميلائي ٿي ويو آهي! ڪا هڪ اڌ ڌُر ڇڏي باقي اپوزيشن هتي جي حڪمرانن مينيج ڪري ڇڏي آهي. هاڻي اهي ئي ماڻهو ميدان ۾ آهن جيڪي بيروزگاري جو پنهنجي مدد پاڻ ٽوڙ ڳولي سگهيا آهن يا ڏکين حالتن کي منهن ڏيئي به پنهنجي نظرياتي ايمان کي بچائي سگهيا آهن، يا جن پنهنجا ڪاروبار کوليا ۽ سادي زندگي کي ترجيح ڏنائون پر وسوارن جي مينيجڊ لهواري ۾ لڙهڻ کان بچي ويا! ڀلي وڃي ڏسو فيلڊ ۾  ٻيا سمورا شعبا ڪٿي نه ڪٿي وڙهن پيا. سنڌ جا هزارين استاد نالا بدلائي به وطن دوست سياست ڪن پيا، وڪيل وڙهن پيا، ڪاروباري ماڻهو روڊن تي آهن، مزدور ۽ هاري وڙهن پيا، شاگرد وڙهن پيا پر اوهان انهن ٻين سڀني شعبن سان ڀيٽ ڪندا، اين جي اوز جا مالڪ يا ملازم اوهان کي مزاحمت ڪندي، رستن تي عوامي سياست ۾ ڀرپور سرگرم نظر نه ايندا! سو اها هڪ تاريخي حقيقت آهي جوسنڌ جي وطن دوست، مظلوم دوست سياسي ڪاروان کي عالمي ڊونرن جي معاشي مدد سان وڏو کاٽ لڳو جنهن جو ازالو ڪرڻ لاءِ سنڌ اڃان گهڻو سَهڪندي! هن وقت به سنڌ چوطرف گهيري ۾ آهي، انهي سازشي گهيري خلاف مزاحمتي ڌُريون پنهنجي حال سارُو ميدان ۾ آهن، اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي، متان ايئن سمجهين مُئا مور سارا…!