ميان جو موالي اُٺ، منشيات ۽ چائناگيٽ ذريعي نشي جو نيڪال

0
163
ميان جو موالي اُٺ، منشيات ۽ چائناگيٽ ذريعي نشي جو نيڪال

 الائي ڇو ايامن کان وٺي اسان جو ملڪ اشرافيه جو آسان هدف رهيو آهي. جنهن ڪري سماجي سرشتو ۽ رياستي وهنوار سندن رهزني جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. ان اشرافيھ جي آشيرواد ۽ پٺڀرائي سان منشيات مافيا به سندس ذيلي ونگ طور وجود مڃائي سماج کي اپاهج بڻائي انهدام جي اقدام جو ارتڪاب ڪري پئي. جنهن ڪري وڏي تيزي سان معاشرو هيڪاندو هيڻائي جو شڪار ٿي مفلوج ٿئي پيو ۽ نوجوان نسل نشي واپرائڻ سبب ناڪاره ٿي سماج جي سگهه متاثر ڪري پيو، جيڪا ڳالهه انتهائي ڳڻتي جو باعث آهي.

                 گڏيل قومن جي رپورٽ موجب اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ 76 لک ماڻهو نشي جي مصيبت ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، جن ۾ 78 سيڪڙو مرد يعني 60 لک ۽ عورتون 22 سيڪڙو يعني 16 لک کان مٿي آهن. ۽ هر سال 40000 هزار ماڻهو نئين نشئي طور مسلسل هن انگ ۾ اضافو ڪندا پيا اچن. دنيا ۾ نشي واپرائڻ جي حوالي سان آمريڪي شهر نيويارڪ پهرئين نمبر تي جڏهن ته ڪراچي ٻئي نمبر تي نمايان درجو رکي ٿو. سرڪار نامدار نالي ماتر، تماڪ سگريٽ صحت لاءِ مضر قرار ڏيڻ واري انتباهه سان گڏ ادارا ته ڪيترائي قائم ڪري نشي جي نابودي تي لڳايا آهن، پر نمايان ڪارڪردگي ڪر کڻي سامهون اڃا تائين ڪونه آئي آهي. جنهن ڪري آئي ڏينهن تشويش واري صورتحال سامهون اچي رهي آهي. جيئن نشي جي ندامت طور هن شعر مان تشويش جو تاثر اڀري ٿو:

ڀنگي دي جوءِ  سدا سهاڳڻ، آفيمي دي جوءِ رووي

ڪئفي دي جوءِ ايوين آکي، ماريا هت نه هووي.

اڃان ڀنگ جي نشي کي نماڻو نشو قرار ڏئي ڀنگ پياڪ ڀائرن لاءِ چيو ويو آهي ته :_

ڀنگي ڀائر ٻه ڄڻا، صوفي ست هزار،

ماري مُهرين سان ڌڪي ڪيائون ڌار،

پئي لوڪ پچار ته پڙ ڀنگين کٽيو.

اهو عجب اتفاق آهي ته نشئي نوجوان جڙتو جواز پيش ڪندي ان جي افاديت بيان ڪندي چون ته “ آپڻي گهوٽ ته نشان ٿي وي”.

يا وري چرس پيئندي چئوياري ڪندي چون ته :_

تماڪو تاڻي جنين وڌو جان ۾

انهن کي آڻي حورون ڏيندا هنجن ۾!!

نشي واري اپٽار مان اهو به عيان ٿيو آهي ته خفتي ويڙهه واري وندر بڻجندڙ ڪڪڙن کي به خوراڪ واري پڙين ۾ آفيم پوشيده ڪري کارائين ٿا، جنهن ڪري سندن ويڙهه واري سگهه سرس ٿئي ٿي ۽ ريس وارن اٺن ۽ گهوڙن کي به خوراڪ ۾ نمايان انداز ۾ نشو ڏنو وڃي ٿو، هڪ پير جو پيدائشي ٽن ڄنگهن وارو اُٺ ته مون پاڻ اکين سان ڏٺو، جنهن کي پير جي نگران نوڪر ڀنگ جو موالي بڻائڻ سان گڏ سگريٽ جي نشي جو عادي بڻائي ڇڏيو هو ۽ سگريٽ دکائي  ان جا ڪش اٺ جي وات ۾ هڻندو هو ته هو وات کولي دونهون وات ۾ جهلي وٺندو هو ۽ سگريٽ جي طلب يا ٻاڙ ٿيڻ تي گاگهڻ شروع ڪري ڏيندو هو. تحقيق مان اها پروڙ پئي آهي ته مختلف حيلن بهانن ۽ وسيلن ذريعي نشيدار شيون دنيا ۾ پيٽ ذريعي به پهچايون وڃن ٿيون. جنهن ۾ ڪيپسول وغيره پيٽ ۾ ڳڙڪائي پوءِ پاخاني ذريعي پيٽ مان ٻاهر ڪڍي مارڪيٽ ۾ مهيا ڪيو وڃي ٿو. ۽ جيلن ۾ ته خاص طور تي مون پاڻ مشاهدي ۾ آندو آهي ته نشي جا عادي قيدي جيلن مان ڪورٽن ۽ حاضرين تي پهچڻ دوران سندن ذريعن کان چرس، هيروئن، آئيس ۽ آفيم جون ٽڪيون خريد ڪري پلاسٽڪ جي شاپرن ۾ ويڙهي مخصوص عضوي جنهن کي  چائنا گيٽ China gate  چون، جنهن ۾ رکي معمولي شاپر ٻاهر ڇڏين ٿا ۽ واپس جيل مان تلاشي مان گذرڻ بعد بيرڪ ۾ پهچي واش روم ۾ وڃي اها شاپر ڇڪي ڪڍي وٺڻ بعد جيل ۾ مخصوص نيٽ ورڪ ذريعي قيدين ۾ ڏهوڻي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته نشي جا واهپيدار ۽ ڪاروباري نوجوان ڏهه ڏهه دفعا جيل ۾ قيد ٿي پهچن ٿا. جنهن ڪري اسان جي ملڪ جا جيل اصلاح گهر واري سهولت Correctional facility  بدران هن ڪبيهه ڪرائم جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن. انساني حقن واري ڪميشن جي تازي رپورٽ موجب راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۽ لاهور جي ڊسٽرڪٽ جيل جا 25سيڪڙو قيدي نشي واپرائڻ ۾ ملوث نڪتا آهن. ٻنهي جيلن جي 9038 قيدين مان 2309 قيدي منشيات ۾ ملوث ثابت ٿيا آهن. ان کان علاوه جيلن ۾ پوليس اهلڪار ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس اهلڪار ۽ عملدار وڏي پئماني تي نشي واري واهپي ۾ ملوث هجڻ کان علاوه هن ڌنڌي واري سپلاءِ نيٽ ورڪ جا سرگرم ڪارڪن سان گڏ سهولت ڪار ۽ سرپرست به ثابت ٿيا آهن. سندن نشي واپرائڻ واري حقيقت ان رپورٽ مان پڌري پٽ ظاهر ٿئي ٿي ته روزاني ڊان جي هڪ رپورٽ موجب پنجاب جي ضلعي قصور جي ايس پي 48 پوليس اهلڪارن جي هڪ ليبارٽري ذريعي ٽيسٽ ڪرائي، جنهن ۾ 24 اهلڪارن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي! ملڪي منشيات مافيا جو مرڪز سنڌ جا شهر سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ميرپور خاص، ڪراچي ۽ ٻيا شهر آهن، جتي وڏي پئماني تي منشيات پهچي ۽ نيڪال ٿئي ٿي. منشيات جون محفوظ گذرگاهون سنڌ _پنجاب بارڊر ڪمون شهيد، نواز آباد ۽ دائووالا، مريد شاخ، ڪشمور ضلعي مان ديره موڙ واري گذرگاهه، جيڪب آباد ضلعي ۾ قيدي شاخ وٽان بلوچستان مان منشيات سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي، ان کان علاوه بلوچستان جي سرحدي علائقي “ڪچي پل” ۽ چلي پل وٽان قمبر شهداد ڪوٽ ۽ بلوچستان جي حب چوڪي وٽان پوليس جي ملي ڀڳت ۽ سهڪار سان منشيات ڪراچي پهچي ٿي. حيدرآباد ڊويزن ۾ منشيات جا 127 ڊيلر ثابت ٿيا آهن ۽ موجوده آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ جي پنهنجي ترتيب ڏنل رپورٽ موجب ڪراچي پوليس جي سرپرستي ۾ 363 منشيات جا اڏا 100 پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن جي سهڪار سان موجود هجڻ جو انڪشاف ڪري رپورٽ اعليٰ اختيارين ڏانهن اماڻي اڏن ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. منشيات جي پوليس پاران سرپرستي ۽ سپلاءِ واري سرگرمي هنن حقيقتن مان پڌري پٽ عيان ٿئي ٿي ته :_

ڪراچي رينجرز 2 پوليس اهلڪارن کي پڪڙي وٽانئن 10 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو. (جيو نيوز)

دادو جي ٿاڻن مان 40 ڪروڙ جي ڪيس پراپرٽيز ۾ منشيات گم ڪرڻ جي ڏووهه م 3 انسپيڪٽر ۽ 4 وڏا منشي نوڪرين مان برطرف ڪيا ويا. سيشن جج دادو جي رپورٽ تي ائنٽي ڪرپشن ڪورٽ حيدرآباد سوا 4 ڪروڙ جي گھوٻين جو 2 ايس ايچ اوز خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. شهيد بينظير آباد ۾ ايس پي 19 پوليس اهلڪارن کي منشيات مافيا سان ملوث هجڻ جي ڏوهه ۾ نوڪرين مان فارغ ڪيو. ڪراچي سي آءِ اي ڄامشورو جي پوليس موبائل مان 73 ڪلو چرس هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ايس پي ڄامشورو، سي آءِ اي سينٽر جي انچارج سميت 12 ڄڻن پوليس اهلڪارن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏيئي ڪوٽڙي ٿاڻي تي سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو. ڪراچي بوٽ بيسن ٿاڻي تي چرس اسمگل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار 7 آفيسرن ۽ 22 اهلڪارن کي نوڪري مان چلتو ڪيو ويو. ميرپور خاص مهراڻو ٿاڻي جي حد ۾ اسپيشل برانچ سي آءِ اي المهراڻ ٽائون ۾ ڇاپو هڻي ڏوهارين کي 50 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪيو، جن کي ڏيتي ليتي جي بنياد تي ڇڏي ڏنو ۽ رشوت جي پئسن تان جهيڙي بعد معاملي ڦاٽ کاڌو، جنهن تي 2 اهلڪار ڪوارٽر گهاٽ ڪري نوڪري مان ڪڍيا ويا. 6 ڄڻن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ۽ 24 ڪلو چرس ڇاپي ۾ هٿ آئي پر 24 ڪلو غائب ڪئي ويئي. لاکاٽ واري علائقي ۾ 70 موري ۽ ٽنڊي محمد خان ويجهو عورت پوليس ايس پي جي نگراني ۾ ڇاپو هڻي 10 ڪروڙ جي منشيات هٿ ڪئي، جنهن ۾ ڏوهارين فائرنگ ڪري ڄاڻايل عورت ايس پي کي 7 پوليس اهلڪارن سميت يرغمال بڻايو، جنهن کي بعد ۾ پوليس جي ڳري نفري گهرائي منشيات سميت آزاد ڪرايو ۽ واقعي ۽ منشيات پکيڙڻ م 115 پوليس اهلڪار ملوث نڪتا. 7 ڪروڙ جي سوپاري (Betalnut)  پڪڙائڻ واري مخبر کي بطور ڪرايو ايس ايچ او سچل ٿاڻو قتل ڪرايو. گذريل ٽن سالن دوران ڪارروائي ڪري نارڪوٽڪ ڪنٽرول فورس ايڪسائيز پوليس 62 مڻ هيروئن، 27 مڻ آفيم، 547 مڻ چرس ۽ 14 مڻ آئيس منشيات فروشن کان هٿ ڪري ضايع ڪئي.

اهو ڏسي فقير فرمايو:_

ڏسڻ ۾ ڏيادان، عمل ۾ آهرو

پاپين جا پرڪار ڏسي مرن موڪلايو.