ٻولي ۽ سائنس پڙهائيندڙ ۽ اسان جون ڀرتي پاليسيون

0
198
ٻولي ۽ سائنس پڙهائيندڙ ۽ اسان جون ڀرتي پاليسيون

 اسان جي حال ۽ اسان جي گڏيل روش ۽ سوچ تي، اسان جي قول ۽ فعل، اسان جي سياسي شعور، علمي سگهه، هنرداري، ڏاهپ، جوهر ۽ اسان جي تاريخي ڪوتاهه نظري تي ڪالم به جام لکجي رهيا آهن ته ڪافي مواد نه صرف ڪتابي صورت ۾ دستياب آهي، پر انٽرينٽ جي جهان تي به عام پيو آهي. اسان کي هاڻي، اسان جي باري ۾ چڱي طرح سان خبر آهي ته اسان ڪيترا سريلا ۽ ڪيترا ڪامياب آهيون. اسان ڇا واقعي ناڪام آهيون يا اسان کي ناڪام ڪيو يا رکيو ويو آهي. بلڪل ايئن جيئن 1697ع دوران لکيل “چارلس پررولٽ (1628 – 1703)” جي هڪ مشهور مصري –  فرانسيسي ڪهاڻي “سنيڊريلا” ۾ اسان پڙهيو آهي ته ڪيئن هڪ ماٽيلي ماءُ سينڊرلا  کي، پنهنجي ڌيئرن جي قيمت تي ڌڪاري ۽ خوار خراب ڪري ٿي، ڪيئن هوءَ ان کي گهر جي ڪمن ڪارين ۾ الجهائي پنهنجي ڌيئرن کي شهزاديون بڻائڻ جا خواب ڏسندي رهي ٿي. صرف انهيءَ ڪري ته هوءَ ڄاڻي پئي ته سينڊرلا ئي اصل ۾ “راجا جي راڻي” ۽ گهر ڌياڻي آهي. (نوٽ: سينڊرلا جي ڪهاڻي “ننڍڙا سونا جوتا” جي نالي سان به مشهور آهي). سوال هي آهي ته ڇا واقعي ايئن آهي ته، اسان کي ڄاڻي واڻي ناڪام رکيو ويو آهي يا بطور ارادي جي اسان کي زندگي جي هر ميدان ۾ پوئتي ڌڪيو پيو وڃي! جيڪڏهن هي حقيقت آهي ته، اسان پاڻ اهڙن ماڻهن ۽ حالتن سان ڪيترا ڀيرا منهن مقابل ٿيا آهيون؟ سوال ته اصل ۾ هي به اهم آهي. اسان ڀلي تعليم يا ڊگري يافتا هجون، اسان وٽ پئسي ڏوڪڙ جي ڀلي تنگي به نه هجي، پر سرڪاري يا غيرسرڪاري امدادن تي پلجڻ ۾ ڪا شرمساري محسوس نٿا ڪريون. شهرن ۾ بنگلا گاڏيون هجڻ جي باوجود، ٻڏڻ تي ٻڏي نٿا مرون، پر ڪَٽن ۽ خيمن جي آسري ۾ ڪيئن به ڪري پاڻ کي بچائي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ٿا. ووٽ کي پنهنجي قسمت سنوارڻ لاءِ نه پر ويلي ٽارڻ لاءِ استعمال ۾ آڻيون ٿا ۽ صرف سرڪاري نوڪرين کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ، پنج ڇهه ڊگريون رکڻ ۽ ڪوڙن سرٽيفيڪٽن کي حاصل ڪرڻ ۽ عام واهپي جي هر شيءَ ۾ ملاوت ڪرڻ ۽ پنهنجي مرضي جا اگهه مقرر ڪرڻ جي باوجود اسان ڪيترا هنردار (پروفيشنل)، ڪيترا ماهر ۽ ڪيترا ايماندار آهيون، پنهنجين هنن خوبين کان اسان چڱي طرح سان واقف آهيون. جيڪڏهن واقف ناهيون ته، گهڻ قومي ڪمپنين ۽ خانگي ادارن ۾، يا انهن سان گڏ ڪم ڪندي، بار بار خير خيراتون، عمرا ۽ حج؛ ۽ ڪربلا مولا جون زيارتون ڪندي اسان کي هي معلوم ٿي وڃي ٿو ته اسان ڪيتري پاڻي ۾ آهيون، پر نه مڙون ٿا نه توبهه تائب ٿيون ٿا. اسان ڪڏهن به هي ناهي سوچيو ته تنگي نه هجڻ جي باوجود اسين معاشري جا ناڪام فرد ڇو بڻجي ويا آهيون. ڇو وڏن شهرن ۽ پنجاب جو عوام اسان کي ناڪام سمجهي ٿو جو ڪامران ٽسوري کي جڏهن سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو ته، سنڌ ۾ گورنرشپ جي مقرري تي سوشل ميڊيا تي جيڪي تبصرا ۽ تبرا ڪيا ويا هئا، انهن ۾ سنڌ تي طنز ڪندي ۽ حيران ٿيندي پنجاب جي ڪجهه نوجوانن پاران ايئن به چيو ويو “ته ڀائي هي سنڌ آهي. ايئن صرف سنڌ ۾ ئي ٿي سگهي ٿو!” اسان ڇو ڪونه غور ٿا ڪريون ته اسان کان سنڌ جي ڪجهه مخصوص يونيورسٽين جا نالا کڻي جڏهن حاصل ٿيندڙ ڊگرين جي باري ۾ پڇا ڪئي وڃي ٿي ته نوڪري ڏيڻ کان کتو جواب ڇو ملي وڃي ٿو! اسان ڪڏهن هي ڇو ڪونه سوچيو آهي ته اسان پنهنجي تعليم کي روزي روٽي جو محور ڇو بڻايو آهي؟ جڏهن ته روزگار جي لاءِ هر انسان ۾ خدا تعالى پاران ڪنهن نه ڪنهن هنر، ڏات (ٽيلنٽ) کي پهريان کان ئي سندس جي ڏاهپ جو حصو بڻايو ويو آهي ۽ تعليم جو واسطو انهن عطا ڪيل دولتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ سان ۽ ان شعور سان آهي جنهن جي مدد سان اسان صحيح ۽ غلط شين جي پرک ڪرڻ جي قابل بڻجون ٿا. مٿي بيان ٿيندڙ سوالن جا جواب هي آهن ته اسان جنهن تعليمي نظام ۾ رهندي تعليم پرائي رهيا ۽ سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪري ۽ ڊگري يافتا ٿي رهيا آهيون اهو تعليم جي ٻن اهم مضمونن، سائنس ۽ ٻولي کي ڪنهن به قسم جي اهميت نٿو ڏئي. شايد اهوئي سبب آهي ته اسان جو هي نظام، اسان کي تعليم يافتا گهٽ پر اسان کي لاچار واهه جو بڻائي ٿو. اسان کي معتبر گهٽ پر ٻئي جي آڏو هٿ ٽنگيندڙ سهڻو بڻائي ٿو. پنهنجي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي دليلي نه پر دهماني ٺيڪ ٺاڪ بڻائي ٿو، ۽ پنهنجي ايندڙ نسل، قوم ۽ ڌرتي جي بقا ڪهڙي ڳالهه ۽ ڪهڙي وکر ۾ آهي ان کان پري ڪندو رهي ٿو. سئو ڳالهين جي هڪڙي ڳالهه ته اسان کي هنردار نه پر جڳاڙي بڻائي ٿو. هنن سڀني سوالن جي جوابن جا ثبوت مختلف سرڪاري ڀرتين جي لاءِ ٿيندڙ مختلف ٽيسٽن جي نتيجن جي صورت ۾ اسان کي ملندا رهن ٿا. جهڙوڪ ٻه سال اڳ سکر آئي بي اي يونيورسٽي پاران پي ايس ٽيز، ۽ جي اي ايس ٽيز استادن جي ڀرتين لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽن جا نتيجا آهن جن جي آڌار پنجن لکن کان به مٿي ويهندڙ اميدوارن مان لڳ ڀڳ سڀئي نامراد ٿيا ۽ مايوس ٿي ويا هئا. ان جو نتيجو اهو نڪتو هو ته تعليم کاتي ۽ سنڌ حڪومت کي پنهنجي ان ڀرتي پاليسي تان هٿ کڻڻو پيو هو جيڪا اصل ۾ سبب بڻي هئي سڀني اميدوارن کي نامراد ڪرڻ جو. جيئن ته آءُ به ان پاليسي کي جوڙڻ جو حصو هئس ۽ جنهن قسم جي پيراميٽرز کي پاليسي جو حصو بڻايو پئي ويو صاف نظر اچي رهيو هو ته هڙئي اميدوار نامراد ٿيندا پر ڪامورڪي ڪار ۽ سياسي سلابتن اڳيان ڀلا ڪنهن جي ٿي هلي! اسان ٽيچرز ريڪروٽمنٽ پاليسي – 2017ع ۾، جنهن  تحت، پي ايس ٽيز ۽ جي اي ايس ٽيز جون ٽيسٽون منعقد ڪرايون ويون هيون ان ۾، پراڻي ڀرتي پاليسي، يعني ٽيچرز ريڪروٽمنٽ پاليسي – 2012ع، جنهن  تحت وري اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز استادن جي ڀرتي عمل ۾ آندي وئي هئي ان جي مشاهدي ۽ تعليمي نظام جي غير موثري جي تجربي جي روشني ۾، ڪجهه اهڙن پيرا ميٽرز ۽ تجويزن کي به شامل ڪيو ويو هو جن جي تحت صوبي  جي اسڪولن ۾ سائنس پڙهائيندڙ استادن جي اهميت تي زور ڏنو ويو هو ۽ انهن جي انگ ۾ واڌاري جي ڪجهه قدمن کي کڻڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت کي صلاحون به ڏنيون ويو هيون. نه صرف ايترو پر سائنس مضمون پڙهائيندڙ استادن جي لاءِ سائنس جي ڊگري هجڻ کي به لازمي قرار ڏنو ويو هو. سائنس جا استاد سرڪاري اسڪولن يا اڄڪلهه جي خانگي اسڪولن لاءِ به وڏو مسئلو بڻيل آهن ته حڪومت به هن ڪم لاءِ شروع کان ئي سنجيندا نظر نٿي اچي. اسان جي ٻارن ۽ خاص طور تي خانگي اسڪولن کي هڪ ته سائنس جا استاد ملن ڪونه ٿا، ٻيو جيڪڏهن ملن ٿا ته ڳرين پگهارن تي ڪم ڪن ٿا. وري جڏهن هنن استادن کي ڪٿان ڪا سڻڀي آڇ يا سرڪاري نوڪري ملي وڃي ٿي ته هو به ڇڏڻ ۾ دير نٿا ڪن ۽ عام سرڪاري ملازمن وانگي پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي وڃن ٿا. سائنس جي استادن سان گڏ اسان وٽ ٻولي (سنڌي، اردو، انگريزي) پڙهائيندڙ استاد ملڻ به ٺيڪ ٺاڪ مسئلو آهن. هاڻي ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران انگريزي جا نوان ايندڙ نصابي ڪتاب جتي شاندار مواد رکڻ وارا ۽ سرگرمي مائل آهن اتي انهن کي پڙهائڻ جي لاءِ استاد ڪونه ٿا ملن. سائنس ۽ ٻولي جا استاد جهڙي طرح سان ڪلهه به هڪ وڏو مسئلو هئا ته اهي اڄ به هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهن. خانگي اسڪولي انتظاميا سائنس ۽ ٻولي جي استادن کي مارڪيٽ مان کڻي ۽ عام استاد جي پگهار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پگهار تي رکڻ جي لاءِ هٿ پير ته هڻندي رهي ٿي پر سرڪاري اسڪولن ۾ سائنس ۽ ٻولي جي استادن جي سدائين کوٽ پئي رهي آهي. استادن کي اين ٽي ايس ٽيسٽ جي آڌار تي ڀرتي ڪرڻ دوران، مختلف ڀرتي پاليسين تي ڪم ڪرڻ دوران اسان کي هي ڄاڻي حيرانگي ٿي هئي ته پوري سنڌ جي اسڪولن ۾ سائنس جا استاد اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. ايتري تائين جو ثانوي ۽ اعلى ثانوي سطح وارن اسڪولن ۾، جتي سائنس جا استاد لازمي عملو هجڻ گهرجن، اتي ٻولي وارن استادن لاءِ به ڪاري وارا ڪک نظر اچن ٿا. اندازو لڳايو ته سنڌ ۾ ٽيچرز ڊيٽا جي موجب اسان وٽ ستانوي سيڪڙو استاد صرف آرٽ جي مضمونن سان واسطو رکن ٿا. اسڪولن ۾ سائنس جا استاد نه هجڻ ڪري اسان جا ٻار هر ان تحقيق ۽ ڄاڻ کان اڻڄاڻ رهجي وڃن ٿا جيڪا خاص طور تي سائنسي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان ٿئي ٿي. ۽ اندازو لڳايو ته اسان جوٻار ايڪهين صدي ۾ به جتي هر شيءَ سائنسي بڻجي چڪي آهي اتي اسان جا ٻار ۽ اسڪول سائنس جي استادن جي اڻهوند کي منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي کي گهرجي ته سائنس ۽ ٻولي جي استادن جي لاءِ سنجيدا ٿئي. انهن جي ڀرتي جي لاءِ ڪا پاليسي جوڙي ۽ تڪڙن بنيادن تي ڪم ڪري. آخر ڪيسيتائين اسان جا اسڪول ۽ ٻار پنهنجي هن آئيني حق کان محروم رهندا؟