سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب زرعي زمينون بنجر ٿي ويون

0
370

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب زرعي زمينون بنجر ٿي ويون، آبادگارن جا مٿي تي هٿ، وارهه ڪئنال مان نڪرندر شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب زمينون بنجر، نئون ديرو ۾ آبادگار پاڻي کوٽ خلاف رستن تي نڪري آيا، ڌرڻي سبب سکر- لاڙڪاڻو روڊ ڪيتري ئي دير تائين بلاڪ، وارهه ڪئنال مان نڪرندڙ شاخن ۾ پاڻي ڏيڻ جو مطالبو، ڊکڻ ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف انڊس هاءِ وي تي ٽرئڪٽر ٽراليون بيهاري ڌرڻو، مڇريل ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، سِم شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي، نصير آباد جي شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل، قومي شاهراهه تي ڌرڻو ۽ ٽائرن کي باهيون، آبادگارن دانهيو آهي ته زرعي پاڻي نه ملڻ سبب فصل پوکجي ناهي سگهيو، آبپاشي عملدار بااثرن کي پئسن عيوض پاڻي ڏئي رهيا آهن، پڇڙي جي آبادگارن جون زمينون سُڪي ٺوٺ ٿي ويون، آبادگارن طرفان زرعي پاڻي ملڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آھي.