ڪشمور ۾ ملڪ برادري جي چڱي مڙس جو لاش هٿ

0
329

ڪشمور(ن پ ا) ڪشمور جي ريلوي لائين ڀرسان ملڪ برادري جي چڱي مڙس 50 ورھين جي موتي ملڪ جو لاش مليو آهي، اطلاع تي پوليس پھچي لاش تعلقه سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽرن جي چڪاس دوران فوتي جي جسم تي ڪو به تشدد جو نشان نه مليو، جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته موتي ملڪ پنهنجي دوست جي جڳھ ۾ رھائش پذير، ھو طبيعت به ٺيڪ ھئي اوچتو مئل حالت ۾ لاش مليو آهي في الحال ڪجهه نٿا چئي سگهون.