سنڌ جي تهذيب انسانيت جي تهذيب ۾ به ثقافت جا رنگ ڀريندي آهي: وزير اعظم

0
297
سنڌ جي تهذيب انسانيت جي

وزير اعظم شهباز شريف ايڪتا ڏڻ تي سنڌي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هزارين سالن کان سنڌ جي تهذيب نه رڳو خطي پر انسانيت جي تهذيب ۾ به پنهنجي ثقافت سان خوبصورتيءَ جا رنگ ڀريندي آئي آهي

شهباز شريف ٽوئٽ ڪيو آهي ته  اڄ باب الاسلام سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن پاڪستان ۾ وفاق جي هڪ اڪائي جي خوبصورتي اجاڳر ڪرڻ جو ڏينهن آهي

پنهنجي ٽويٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مان سمورن سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي هن ڏهاڙي تي گهڻيون واڌايون ڏيان ٿو

Sindh Cultural Day being celebrated with traditional enthusiasm

 پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پاران به سنڌ واسين کي ايڪتا ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون ويون

پنهنجي پيغام ۾ پرويز الاهي چيو ته موهن جو دڙو ۽ مڪلي جي ثقافت جا سموري دنيا ۾ مثال ڏنا وڃن ٿا

هن سوشل ميڊيا ذريعي سنڌين کي واڌايون ڏيندي لکيو ته سنڌ جي ثقافت محبت ۽ رواداري جي ترجماني ڪندڙ آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ پنهنجي آزادي جي واپسيءَ لاءِ ٻيهر ظالمن خلاف اٿندي: عمران خان جو ايڪتا ڏڻ تي پيغام