بدين ۾ هر پاسي ثقافتي رنگن جي بهار، مچ ڪچهري ۽ ثقافتي پروگرام منعقد، شاگردن جون جھمريون

0
273
بدين ۾ هر پاسي ثقافتي رنگن جي بهار

بدين(رپورٽ شفيع جوڻيجو) بدين ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل ثقافتي ايڪتا کي شاندار موٽ ھر طرف اجرڪن، پٽڪن ۽ ٽوپين وارا شاندار پروگرام ڪري ثقافتي رنگن ۾رنگجي ويا، مچ ڪچھرين،ثقافتي تقريبن سميت اسڪولن ۾ شاندار پروگرامن جو سلسلو جاري رهيو

ان ڏس ۾ مڊل اسڪول حاجي علي محمد کوسو ۾  ايڪتا تقريب ٿي. تعيلم کاتي بدين جي ايجوڪيشن آفيسر غلام محمد کوسو پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته قاضي علي صاحب کي جس ھجي جنھن نه رڳو نڌي ثقافت کي اجاگر ڪيو آھي، پر تڪليفن ۾ ورتل ماڻھن جو سردي جي ھن موسم ۾ گرم سوئٽر ورھائي سندن مالڪي ڪئي آھي،جيڪو سنڌ جي ماڻھن جي مالڪي ڪرڻ جو  چٽو مثال آھي شاگردن ۾ بھترين ڪوالٽي جا سوئٽر ڏسي سچ.پچ ته وڏي خوشي ٿي رھي آھي

اسڪول جي ھيڊ ماستر ظھير عباسي چيو ته ثقافتي پروگرام اڳ به ٿيندا رھيا آھن اڄوڪي پروگرام ۾ شاگردن جي مالڪي نظر اچي ٿي ته سردي جي ھن موسم ۾ گرم شيون شاگردن ۾ تقسم ڪيون آھن اڳ ڪڏھن به ائين نه ٿيو آھي

الخدمت بدين جي اڳواڻ سائين عبدالطيف کوسو به  الخدمت طرفان گارمنٽ جو سامان ٻارڙن ۾ ورھايو پروگرام جي آخر ۾ اسڪولي جي شاگردن مسڪان کوسو جي گروپ پاران ٽيبلو پيش ڪري سموري پنڊال  کي جھومائي ڇڏيو تقريب ۾ اسڪول جي ٽيچرن ميڊم ماروي عباسي، مبشرا ارم ،حسين کوسو، عزيز مغل،زيشان حيدر شاھ  محمد عيسي برھماڻي، عبدالمجيد اڍيجو  ۽ ٻين  تقريرون پڻ ڪيون،

ھي به پڙھندا

سنڌ سان ايڪتا ملهائڻ جو ڏوهه: سنڌ ورسٽي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل، اٽالن جو گشت، سخت چيڪنگ