سنڌ جو احتجاج نظرانداز، ٻيٽن جي مالڪي ٻيهر وفاق حوالي: بل منظور

0
230

سنڌ جو احتجاج نظرانداز:

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  عمران خان جي حڪومت ۾ سنڌ صوبي اندر سامونڊي ٻيٽن تي عالمي معيار جا شهر اڏڻ جون ڪوششون سنڌ واسين جي شديد احتجاج ۽ مخالفت کان پوءِ ناڪام ٿيڻ بعد ڪالهه قومي اسيمبلي  ۾وفاقي حڪومت پاران پيش ڪيل پاڪستان ميري ٽائيم زونس بل 2022ع جي منظوري ڏني وئي، بل تحت سامونڊي مصنوعي ٻيٽن تي خصوصي اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جا اختيار وفاقي حڪومت کي ڏنا ويا آهن، بل جي ڀڃڪڙي سنگين ڏوهه قرار ڏيندي گهٽ ۾ گهٽ 5 سال قيد سان گڏ ڏنڊ جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي

تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف پاران ن ليگ جي علي زاهد پاڪستان ميري ٽائيم زونس بل 2022ع جي منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي قومي اسيمبلي منظور ڪري ورتو، بل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ميري ٽائيم زونس ايڪٽ 2022ع منظوري کان پوءِ فوري طور تي لاڳو تصور ٿيندو، بل جي شق 3 ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت سرڪاري گزيٽ ذريعي سامونڊي علائقن، ان سان لڳندڙ زونن،  خصوصي اڪنامڪ زون، سمنڊ جي تهه جون حدون طئي ڪري سگهندي

بل جي سيڪشن 6 جي شق 8 ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت يا ان پاران تجويز ڪيل اٿارٽي کي واپار لاءِ استعمال ٿيندڙ غيرملڪي جهازن کي ضابطي جي ڀڃڪڙي تي پاڪستاني سامونڊي حدن مان ڪڍڻ جو اختيار هوندو،  منظور ٿيل بل جي سيڪشن 8 کي خصوصي معاشي زونن جي نالي سان شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت کي مصنوعي ٻيٽن، سمنڊ سان ٽرمينلز، ٻيون تنصيبات  ۽ اسٽرڪچر ۽ آلات جيڪي زون جي وسيلن سان تلاش لاءِ ضروري هجن، انهن بابت تعمير، مينٽيننس ۽ آپريشن جو حڪومت کي اختيار حاصل هوندو،  خصوصي معاشي زون جي نالي سان شامل ڪيل سيڪشن 8 جي شق 3 ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به شخص يا ڪمپني ، غير ملڪي حڪومت وفاقي حڪومت جي اجازت سان خصوصي معاشي زونن جي ڪنهن به وسيلي کي تلاش يا ان جو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو

PTI leader seeks blasphemy case against Khawaja Asif for stressing equal  rights for minorities - The Current

ڪا تحقيق، ڊرل يا مصنوعي ٻيٽن تي انفرا اسٽرڪچر تعمير ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي هلائي سگهي ٿو، خصوصي زون جي ڪنهن به علائقي کي حڪومت مقرر علائقو قرار ڏئي سگهي ٿي ۽ ضروري حڪم جاري ڪري سگهي ٿي، انهيءَ سيڪشن جي شق 5 ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت خصوصي اڪنامڪ زونن جي توسيع جا به حڪم جاري ڪري سگهندي، منظور ٿيل بل جي سيڪشن 10 کي حفاظتي زونن جي نالي سان شامل ڪيو ويو  آهي

جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت مصنوعي ٻيٽن ، سمنڊ تي ٽرمينل، تنصيبات ۽ ٻي تعميرات ۽ آلات جي ڀرپاسي سان حفاظتي زون قائم ڪري سگهندي، جيڪي وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل لائسنس تحت ڪنهن شخص، ڪنهن ڪمپني پاران خصوصي زونن ۽ سامونڊي پاڻي ۾ انفرا اسٽرڪچر تعمير ڪيا ويندا، انهن کي برقرار رکڻ ۽ هلائي سگهڻ جا اختيار وفاقي حڪومت جا هوندا، سيڪشن 14 سمنڊ ۾ آلودگي ڪرڻ تي پابندي جي نالي سان شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪوئي شخص، بحري جهاز يا ڪمپني سمنڊ، ان سان لڳندڙ زونن ، خصوصي معاشي زونن يا سامونڊي تهه ۾ سامونڊي ماحول جي آلودگي جو سبب بڻجڻ جون ڪوششون نه ڪري سگهندو

سيڪشن 22 ۾ چيو ويو آهي ته هن منظور ٿيل قانون جي ڪوئي به شخص ڀڃڪڙي ڪري ته اهو ڏوهه تصور ٿيندو، اهڙي ڏوهه جي مرتڪب کي سيڪشن 27 تحت سزا ڏئي سگهبي، جيڪا لاڳاپيل صوبي جي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مشاورت سان سيشن ڪورٽ ۾ ان ڪيس ۾ ٻڌڻي ٿيندي، سيڪشن 23 کي بنا وارنٽ گرفتاري جي عنوان سان شامل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به شخص هن قانون جي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيندڙ ڪنهن به شخص کي بنا وارنٽ جي گرفتار ڪري سگهبو

National Assembly will be dissolved if...

اهڙي گرفتاري جا حڪم پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جو ليفٽيننٽ جي عهدي کان گهٽ آفيسر حڪم نه ڏئي سگهندو، اهڙو آفيسر گرفتار ٿيندڙ شخص پاران بحري جهاز يا ڪنهن به مصنوعي ٻيٽ يا سمنڊ تي لڳل ٽرمينل يا تعمير ڪيل ڍانچي کي هن ايڪٽ جي ڪنهن به خلاف ورزي تي قبضي ۾ وٺڻ سان گڏ ان کي ڊاهڻ جا اختيار رکندو يا ان کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سگهندو، سيڪشن 27 کي سزا جي نالي سان شامل ڪيو ويو آهي

جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪو به هن ايڪٽ يا ڪنهن قائدي ۽ ضابطي تحت جاري ڪيل حڪمن جي خلاف ورزي ڪري ٿو  يا ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته اهڙو شخص سنگين ڏوهه جو مرتڪب ٿيندو جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ 5 سالن تائين قيد يا ڏنڊ يا قيد سان گڏ ڏنڊ جي سزا به ڏئي سگهبي، جڏهن ته سيڪشن 29 تحت ڪوئي به شخص سامونڊي جهاز کي يرغمال بڻائڻ (Piracy) جي ڏوهه جو مرتڪب ٿئي ته اهو سنگين ڏوهه تصور ٿيندو، اهڙي ڏوهه جي مرتڪب کي 10 سالن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهبي، اگر ڪو اهڙي جرم جو مرتڪب ٿيندي ڪنهن کي قتل ڪري ته اهڙي ڏوهه جو مرتڪب عمر قيد جي سزا جو حقدار تصور ٿيندو