سنڌ جا ماڻهو جاهل آهن: فردوس عاشق اعواڻ

0
597
پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ
سنڌ جا ماڻهو جاهل آهن: فردوس عاشق اعواڻ

پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو جاهل آهن، تنهنڪري پيپلزپارٽي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندي آهي، نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته، سنڌ اندر جهالت ۽ پسماندگي آهي، سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي شعور ناهي، انهن ماڻهن تي طاقت جو استعمال به ٿيندو آهي، ساڳئي طريقي سان پنجاب ۾ نون ليگ طاقت جو استعمال ڪيو، اينڪر کيس اڌ ۾ روڪيندي چيو ته، فردوس عاشق اعواڻ جي انهن لفظن سان سنڌ جي ماڻهن جي بيعزتي ٿيندي ته سنڌ جا ماڻهو جاهل ۽ بي شعور آهن تنهنڪري اهي پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا آهن.