وارهه ويجهو موٽرسائيڪل ڦر بعد مبينا پوليس مقابلو، ھڪ ڦورو مارجي ويو

0
389
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

وارھ (ن پ ا) وارهه ويجهو ڳوٺاڻي کان موٽرسائيڪل ڦر ٿيڻ بعد ناڪابندي دوران پوليس مقابلي ۾هڪ ڦورو مارجي ويو آهي. هٿياربند کنڊو روڊ تي لنڊو شاخ وٽان ڳوٺاڻي سليم ٻگهيو کان موٽرسائيڪل ڦري فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس ناڪابندي ڪري ڏوهارين جو پيڇو ڪيو ته مغل لاڙي وٽ هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي ۾هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو، لڳاتار ڳولا بعد سندس لاش هٿ ڪيو ويو. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ سونو بلاڻي چانڊيو جي نالي سان ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڦورو ٻن قتل ڪيسن ۾پڻ ملوث هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.