ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ حڪومت پاران صوبي جي 4 ارب رپين جي خساري واري 13 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي صوبائي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، هڪ کان 15 گريڊ جي ملازمن جي پگھارن ۾ 20 سيڪڙو، گريڊ 15 کان مٿي وارن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان، ڪراچي شهر لاءِ 22 ارب رپين کان وڌيڪ جا 10 منصوبا شامل ڪيا ويندا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي ناڻي کاتي جو قلمدان رکندڙ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران اڄ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ نئين مالي سال 2021_22 جي منظوري وٺڻ بعد سنڌ اسيمبلي ۾ 4 ارب رپين جي خساري واري 13 هزار ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي ويندي. مليل ڄاڻ موجب نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 55 سيڪڙو رقم تعليم، صحت، زراعت ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ مختص ڪئي ويندي. جڏهن ته صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 222 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن 15 کان 20 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ملازمن جي پگھارن ۾ به 15 کان 20 سيڪڙو تائين واڌ ڪرڻ جو امڪان آهي. مزدور جي گھٽ ۾ گھٽ ماهوار اجرت 25 هزار رپيا ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سنڌ بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ خاص ترقياتي پيڪيج به شامل ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي 10 کان وڌيڪ ميگا اسڪيمن تي 22 ارب رپيا نئين مالي سال لاءِ مختص ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. ڏاهلي، ڀان سعيد آباد ۽ پڪا چانگ سميت صوبي جي 6 تعلقي اسپتالن کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 1416 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. جڏهن ته 9 ضلعن جي ضلعي اسپتالن جي توسيع ۽ بحالي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان حوالي سان ناڻي کاتي جي ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ صوبي ۾ نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ بجاءِ ڪورونا سبب رولڙي جو شڪار بڻيل هلندڙ ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي گھڻو ڌيان ڏنو ويندو.